نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 15:10-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. تہ پوءِ اھڙا بار جن کي نہ اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين، سي اوھين شاگردن تي رکي خدا کي ڇو ٿا آزمايو؟

11. جڏھن تہ اسان جو ايمان آھي تہ اسان کي بہ انھن وانگر ئي خداوند عيسيٰ جي فضل سان ڇوٽڪارو ملي ٿو.“

12. سو سڀني خاموشيءَ سان برنباس ۽ پولس جو اھو بيان ويٺي ٻڌو تہ ڪيئن نہ خدا انھن جي وسيلي غير قومن ۾ معجزا ۽ ڪرامتون ڪيون.

13. جڏھن ھنن ڳالھائي بس ڪئي تڏھن يعقوب ڳالھايو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! منھنجي بہ ڳالھہ ٻڌو.

14. جھڙيءَ طرح شمعون بيان ڪيو تہ ڪيئن خدا شروعات ۾ غير قومن تي نظر ڪئي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن انھن مان پنھنجي لاءِ ھڪڙي قوم چونڊي،

15. تھڙيءَ طرح نبي جيڪي چئي ويا آھن سو بہ انھيءَ سان ٺھڪي ٿو اچي. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ

16. ’خداوند چيو تہ ”ھنن ڳالھين کان پوءِ آءٌ موٽي ايندس.دائود جو گھر جيڪو ڊھي پيو آھي، تنھن کي وري ٺاھيندس.آءٌ انھيءَ جا ٽوٽا ٽڪر گڏ ڪري کيس وري اڏيندس.

17. انھيءَ لاءِ تہ باقي رھيل ماڻھو۽ سڀ غير قومون جيڪي منھنجون ٿيون سڏجن،سي مون خداوند جي ڳولا ڪن.“

18. ھي اھو خداوند فرمائي ٿو،جيڪو دنيا جي شروعات کان وٺي اھي ڳالھيون ٻڌائيندو آيو آھي.‘“

19. يعقوب وڌيڪ چيو تہ ”منھنجي راءِ آھي تہ غير قومن مان جن خدا تي ايمان آندو آھي، تن کي اسين تڪليف نہ ڏيون.

20. پر انھيءَ جي بجاءِ اسين کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙھيون ويون آھن سي ھو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري گھُٽي ماريل جانور ۽ رت ئي کائين.

21. ڇالاءِ⁠جو گھڻي وقت کان وٺي ھر شھر ۾ موسيٰ جي شريعت ٻڌائڻ وارا ھر سبت جي ڏينھن تي اھي ڳالھيون يھودي عبادت⁠خانن ۾ ٻڌائيندا ٿا اچن.“

22. پوءِ رسولن، بزرگن ۽ سڄي ڪليسيا اھو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻھو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انتاخيا ڏانھن موڪلجن. انھيءَ لاءِ ھنن يھوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو. ڀائرن ۾ انھن ماڻھن جي وڏي عزت ھئي.

23. انھن جي ھٿان ھي خط ڏياري موڪليائون تہ”غير قومن مان جيڪي ايمان آڻيندڙ انتاخيا، شام ۽ ڪلڪيا ۾ ٿا رھن، تن کي اسان ڀائرن، يعني رسولن ۽ بزرگن جا سلام ھجن.

24. اسان ٻڌو آھي تہ ڪي ماڻھو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آھي، تن اسان وٽان وڃي اوھان کي ڪي ڳالھيون ٻڌائي تڪليف ڏني آھي ۽ اوھان کي منجھائي وڌو اٿن.

25. تنھنڪري اسان پاڻ ۾ صلاح ڪري مناسب سمجھيو تہ ڪي ماڻھو چونڊي پنھنجن پيارن برنباس ۽ پولس سان گڏ اوھان ڏانھن موڪليون.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 15