بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22
  23. 23
  24. 24
  25. 25
  26. 26
  27. 27
  28. 28

نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

يروشلم ۾ گڏجاڻي

1. ڪي ماڻھو يھوديہ کان انتاخيا ۾ آيا ۽ اھي ڀائرن کي ھيءَ تعليم ڏيڻ لڳا تہ ”تيستائين اوھان کي ڪڏھن بہ ڇوٽڪارو نہ ملندو، جيستائين اوھين موسيٰ جي شريعت موجب طھر نہ ڪرائيندا.“

2. پولس ۽ برنباس سان ھنن سخت بحث مباحثو ڪيو. سو اھو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻھو ھن معاملي بابت يروشلم ڏانھن رسولن ۽ بزرگن وٽ وڃن.

3. تنھن تي ڪليسيا جي ماڻھن ھنن کي روانو ڪيو. ھو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ديندار ماڻھن کي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن خدا تي ايمان آندو آھي. اھو ٻڌي انھن کي ڏاڍي خوشي ٿي.

4. جڏھن ھو يروشلم ۾ پھتا تہ ڪليسيا جي ماڻھن، رسولن ۽ بزرگن سندن استقبال ڪيو ۽ جيڪي خدا ھنن جي وسيلي ڪيو ھو سو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايائون.

5. پر فريسي جن ايمان آندو ھو تن مان ڪي اٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قومن جو طھر ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ ھو موسيٰ جي شريعت تي ھلن.“

6. رسول ۽ بزرگ گڏجي ھن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا.

7. گھڻي بحث کان پوءِ پطرس اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”ڀائرؤ! اوھان کي خبر آھي تہ ڪجھہ وقت اڳ ۾ خدا مون کي اوھان مان چونڊيو ھو تہ غير قومون منھنجي واتان خوشخبريءَ جو ڪلام ٻڌي ايمان آڻين.

8. خدا جيڪو اسان جي دلين جو ڄاڻڻ وارو آھي تنھن اسان کي اھو ڏيکاريو تہ غير قومون بہ ايمان آڻي سگھن ٿيون، ڇالاءِ⁠جو انھن کي بہ پاڪ روح مليو جيئن اسان کي مليو آھي.

9. ھن اسان ۾ ۽ انھن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آھي، ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھنن ايمان آندو تہ ھن انھن جون دليون پاڪ ڪيون.

10. تہ پوءِ اھڙا بار جن کي نہ اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين، سي اوھين شاگردن تي رکي خدا کي ڇو ٿا آزمايو؟

11. جڏھن تہ اسان جو ايمان آھي تہ اسان کي بہ انھن وانگر ئي خداوند عيسيٰ جي فضل سان ڇوٽڪارو ملي ٿو.“

12. سو سڀني خاموشيءَ سان برنباس ۽ پولس جو اھو بيان ويٺي ٻڌو تہ ڪيئن نہ خدا انھن جي وسيلي غير قومن ۾ معجزا ۽ ڪرامتون ڪيون.

13. جڏھن ھنن ڳالھائي بس ڪئي تڏھن يعقوب ڳالھايو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! منھنجي بہ ڳالھہ ٻڌو.

14. جھڙيءَ طرح شمعون بيان ڪيو تہ ڪيئن خدا شروعات ۾ غير قومن تي نظر ڪئي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن انھن مان پنھنجي لاءِ ھڪڙي قوم چونڊي،

15. تھڙيءَ طرح نبي جيڪي چئي ويا آھن سو بہ انھيءَ سان ٺھڪي ٿو اچي. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ

16. ’خداوند چيو تہ ”ھنن ڳالھين کان پوءِ آءٌ موٽي ايندس.دائود جو گھر جيڪو ڊھي پيو آھي، تنھن کي وري ٺاھيندس.آءٌ انھيءَ جا ٽوٽا ٽڪر گڏ ڪري کيس وري اڏيندس.

17. انھيءَ لاءِ تہ باقي رھيل ماڻھو۽ سڀ غير قومون جيڪي منھنجون ٿيون سڏجن،سي مون خداوند جي ڳولا ڪن.“

18. ھي اھو خداوند فرمائي ٿو،جيڪو دنيا جي شروعات کان وٺي اھي ڳالھيون ٻڌائيندو آيو آھي.‘“

19. يعقوب وڌيڪ چيو تہ ”منھنجي راءِ آھي تہ غير قومن مان جن خدا تي ايمان آندو آھي، تن کي اسين تڪليف نہ ڏيون.

20. پر انھيءَ جي بجاءِ اسين کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙھيون ويون آھن سي ھو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري گھُٽي ماريل جانور ۽ رت ئي کائين.

21. ڇالاءِ⁠جو گھڻي وقت کان وٺي ھر شھر ۾ موسيٰ جي شريعت ٻڌائڻ وارا ھر سبت جي ڏينھن تي اھي ڳالھيون يھودي عبادت⁠خانن ۾ ٻڌائيندا ٿا اچن.“

ايمان آڻيندڙ غير قومن ڏانھن خط

22. پوءِ رسولن، بزرگن ۽ سڄي ڪليسيا اھو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻھو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انتاخيا ڏانھن موڪلجن. انھيءَ لاءِ ھنن يھوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو. ڀائرن ۾ انھن ماڻھن جي وڏي عزت ھئي.

23. انھن جي ھٿان ھي خط ڏياري موڪليائون تہ”غير قومن مان جيڪي ايمان آڻيندڙ انتاخيا، شام ۽ ڪلڪيا ۾ ٿا رھن، تن کي اسان ڀائرن، يعني رسولن ۽ بزرگن جا سلام ھجن.

24. اسان ٻڌو آھي تہ ڪي ماڻھو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آھي، تن اسان وٽان وڃي اوھان کي ڪي ڳالھيون ٻڌائي تڪليف ڏني آھي ۽ اوھان کي منجھائي وڌو اٿن.

25. تنھنڪري اسان پاڻ ۾ صلاح ڪري مناسب سمجھيو تہ ڪي ماڻھو چونڊي پنھنجن پيارن برنباس ۽ پولس سان گڏ اوھان ڏانھن موڪليون.

26. اھي ٻئي ماڻھو اھڙا آھن جن پنھنجي جان اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي جوکي ۾ وڌي آھي.

27. سو اسين يھوداہ ۽ سيلاس کي ساڻن گڏ موڪليون ٿا. ھو پاڻ اوھان کي اھي ڳالھيون سمجھائيندا، جيڪي اسين لکي رھيا آھيون.

28. پاڪ روح ۽ اسان ضروري سمجھيو تہ ھنن خاص حڪمن کان سواءِ اوھان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھون.

29. جھڙوڪ: اھو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي چاڙھيو ويو ھجي، رت ۽ انھيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنھن کي گھٽي ماريو ويو ھجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏھن اوھين انھن ڳالھين کان پاسو ڪندا تہ اھا اوھان لاءِ چڱي ڳالھہ آھي. شال سدائين سلامت رھو.“

30. سو اھي روانا ٿيا ۽ انتاخيا ۾ اچي پھتا، جتي ايمان وارن کي گڏ ڪري کين اھو خط ڏنائون.

31. جڏھن انھن اھو خط پڙھيو تہ دل کي تسلي ٿين ۽ خوش ٿيا.

32. يھوداہ ۽ سيلاس، جيڪي پاڻ نبي ھئا تن گھڻو وقت تقريرون ڪري ڀائرن کي تسلي ڏني ۽ سندن ھمت ٻڌائي.

35. پوءِ پولس ۽ برنباس انتاخيا ۾ ترسي پيا ۽ اتي ٻين ڀائرن سان گڏ خداوند جو ڪلام سيکاريندا ۽ ان جي تبليغ ڪندا رھيا.

برنباس ۽ پولس ۾ جدائي

36. ڪجھہ وقت کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”ھل تہ ھر ھڪ شھر ۾ انھن ڀائرن وٽ ھلون، جن کي اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو آھي ۽ ڏسون تہ انھن جو ڪھڙو حال آھي.“

37. برنباس جي مرضي ھئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ھلون.

38. پر پولس مناسب نہ سمجھيو تہ ھن کي بہ ساڻ کڻجي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو پمفوليا ۾ ھنن کي ڇڏي موٽي ويو ھو ۽ ساڻن تبليغ جي ڪم ۾ گڏ نہ رھيو ھو.

39. انھيءَ ڳالھہ تي برنباس ۽ پولس جي وچ ۾ ايترو تہ اختلاف ٿي پيو جو ھو ھڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. برنباس مرقس کي وٺي سامونڊي جھاز ۾ چڙھي قبرص ڏانھن روانو ٿي ويو.

40. پر پولس سيلاس کي چونڊي پاڻ سان کنيو ۽ ڀائرن کين خدا جي فضل جي حوالي ڪري روانو ڪيو.

41. پولس شام ۽ ڪلڪيا مان ٿيندو، اتي جي ڪليسيائن کي ھمتائيندو ويو.