نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 13:45-52 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

45. جڏھن يھودين ميڙ ڏٺا تہ حسد وٺي وين، سو ھو پولس جي تبليغ خلاف بدشد ڳالھائڻ لڳا ۽ ھن جي بي⁠عزتي ڪيائون.

46. پر پولس ۽ برنباس دليريءَ سان ڳالھائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اھو ضروري ھو تہ خدا جو ڪلام پھريائين اوھان يھودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اھو اوھان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنھنڪري اسين اوھان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا.

47. ڇالاءِ⁠جو ھي حڪم خداوند جو آھي جيڪو اسان کي مليو آھي تہ’مون تو کي غير قومن جي لاءِ روشني مقرر ڪيو آھي،تہ تون سڄي زمين جي ماڻھن لاءِ ڇوٽڪاري جو وسيلو بڻجين.‘“

48. جڏھن غير قومن اھا ڳالھہ ٻڌي، تڏھن ھو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خداوند جي ڪلام جي واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ جن کي خدا دائمي زندگيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تن سڀني ايمان آندو.

49. خداوند جو ڪلام انھيءَ علائقي ۾ ھنڌين ماڳين پکڙجي ويو.

50. پر يھودين شھر جي معزز ماڻھن ۽ عزت وارين خداترس عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس کي ڏاڍو ستايو ۽ کين پنھنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.

51. تڏھن رسولن پنھنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏي ۽ اِڪونيم شھر ڏانھن ھليا ويا.

52. تنھن ھوندي بہ انتاڪيا جا شاگرد خوشيءَ ۽ پاڪ روح سان ڀرجندا رھيا.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 13