نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 13:26-35 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

26. اي ڀائرؤ! اي ابراھيم جو اولاد ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! انھيءَ ڇوٽڪاري جي ڪلام کي اسان ڏانھن ئي موڪليو ويو آھي.

27. پر يروشلم جي رھاڪن ۽ سندن اڳواڻن انھيءَ کي نہ سڃاتو ۽ نڪي ھنن نبين جي ڪلام کي سمجھيو، جيڪو ھر سبت جي ڏينھن تي پڙھيو ويندو آھي. پر اٽلندو عيسيٰ تي فتويٰ جاري ڪري ھنن نبين جي چوڻيءَ کي سچو ثابت ڪيو.

28. جيتوڻيڪ انھن کي عيسيٰ جي مارائڻ جو ڪوبہ سبب نہ مليو، تنھن ھوندي بہ ھنن پلاطس کي عرض ڪيو تہ کيس مارائي ڇڏي.

29. جڏھن اھي سڀ ڳالھيون پوريون ڪيائون جيڪي صحيفي ۾ لکيل ھيون، تڏھن ھنن سندس لاش کي صليب تان لاھي قبر ۾ رکيو.

30. پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو

31. ۽ ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھو انھن کي ڏيکاري ڏيندو رھيو، جيڪي ساڻس گليل کان يروشلم تائين گڏ ھئا. اھي ھاڻي بني اسرائيل جي قوم آڏو سندس شاھد آھن.

32. خدا جيڪو واعدو اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو تنھن جي خوشخبري اسان آندي آھي،

33. تہ ڪيئن خدا عيسيٰ کي جيئرو ڪري سندن اولاد يعني اسان جي لاءِ اھو واعدو پورو ڪيو، جيئن ٻئي زبور ۾ لکيل آھي تہ’تون منھنجو فرزند آھين۽ اڄ آءٌ تنھنجو پيءُ ٿيو آھيان.‘

34. باقي اھا ڳالھہ تہ خدا انھيءَ کي اھڙيءَ طرح مئلن مان وري جيئرو ڪيو جو ھو وري ٻيھر ڪڏھن بہ نہ مرندو، تنھن بابت لکيل آھي تہ’آءٌ تو کي دائود سان واعدي ڪيلپاڪ ۽ سچيون نعمتون ڏيندس.‘

35. وري ھڪڙي زبور ۾ خدا کي چيو ويو آھي تہ’تون پنھنجي پاڪ ٻانھي کيڳري سڙي وڃڻ ڪين ڏيندين.‘

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 13