نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 13:10-24 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. ۽ چيائينس تہ ”اي شيطان جا پٽ! تون ھر نيڪيءَ جو دشمن آھين، ھر قسم جي بڇڙائيءَ ۽ ٺڳيءَ سان ڀريل آھين ۽ ھميشہ ڪوشش ڪندو رھين ٿو تہ خداوند جي سچائيءَ کي ڪوڙو ڪرين.

11. سو ٻڌ، تو تي خداوند جي مار اچي پيئي آھي. ھاڻي تون انڌو ٿيندين ۽ ڪجھہ مدت تائين ڏينھن جي روشني بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندءِ.“ تڏھن ھڪدم ھن جي اکين اڳيان ڌنڌ ۽ اونداھي اچي ويئي ۽ ھو ھيڏانھن ھوڏانھن ھٿوراڙيون ھڻڻ لڳو تہ من ڪو کيس ھٿ کان وٺي ھلي.

12. جڏھن گورنر ھي حال ڏٺو تہ خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو ۽ ايمان آندائين.

13. پولس ۽ سندس ساٿي پافس مان سامونڊي جھاز تي چڙھي پرگا ۾ آيا، جو پمفوليا ۾ آھي. پر يوحنا عرف مرقس ھنن کي اتي ڇڏي يروشلم ڏانھن موٽي ويو.

14. ھو پرگا مان پسديا واري انتاخيا ۾ آيا ۽ سبت جي ڏينھن يھودي عبادت⁠خاني ۾ وڃي ويٺا.

15. جڏھن اتي توريت ۽ نبين جا صحيفا پڙھيا ويا، تڏھن عبادت⁠خانن جي اڳواڻن ھنن کي سڏائي چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏھن اوھان کي ڪا نصيحت جي ڳالھہ ماڻھن کي ٻڌائڻي آھي تہ ٻڌايو.“

16. تنھن تي پولس اٿي بيٺو ۽ ھٿ جو اشارو ڏيندي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! ڪن ڏيئي ٻڌو.

17. بني اسرائيل قوم جي خدا اسان جي وڏن کي چونڊيو ۽ انھن کي وڏي قوم بڻايائين، جڏھن ھو مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رھندا ھئا. خدا پنھنجي عظيم قوت سان انھن کي مصر مان ڪڍيو

18. ۽ اٽڪل چاليھن سالن تائين بيابان ۾ سندن سنڀال ڪندو رھيو.

19. ھن ڪنعان جي ملڪ ۾ ست قومون ناس ڪيون ۽ بني اسرائيل کي ان ملڪ جو مالڪ بڻايائين.

20. اھڙيءَ طرح ساڍا چار ⁠سؤ سال گذري ويا.تڏھن خدا سموئيل نبيءَ جي زماني تائين انھن لاءِ رھبر مقرر ڪندو رھيو.

21. ان کان پوءِ ھنن بادشاھہ جي گھُر ڪئي ۽ خدا شائول کي سندن بادشاھہ مقرر ڪيو، جيڪو بنيامين جي قبيلي مان قيش جو پٽ ھو، جنھن چاليھن سالن تائين حڪومت ڪئي.

22. جڏھن خدا ھن کي برطرف ڪيو تہ دائود کي انھن جو بادشاھہ مقرر ڪيائين. خدا ھن بابت ھيئن چيو تہ ’مون يشيءَ جي پٽ دائود کي پنھنجيءَ دل وٽان لڌو آھي. ھو ھميشہ منھنجي مرضيءَ تي ھلندو.‘

23. جيئن خدا واعدو ڪيو ھو تيئن ئي ھن دائود جي اولاد مان بني اسرائيل وٽ ھڪڙي ڇوٽڪاري ڏيندڙ يعني عيسيٰ کي موڪليو.

24. عيسيٰ جي اچڻ کان اڳ ۾ يحيٰ بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم ۾ تبليغ ڪئي تہ توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 13