نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 12:4-12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. ھن پطرس کي پڪڙڻ کان پوءِ کيس جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پھري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاھين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. ھيروديس جو منصوبو ھو تہ ھو پطرس کي عيد کان پوءِ ماڻھن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.

5. پطرس تہ جيل ۾ پھري ھيٺ ھو، پر ڪليسيا جي ماڻھن ھن لاءِ دل وَ جان سان خدا کان دعائون پئي گھريون.

6. جنھن ڏينھن ھيروديس کيس ماڻھن اڳيان پيش ڪرڻ وارو ھو، انھيءَ رات پطرس ٻن پھريدارن جي وچ ۾ ستو پيو ھو. ھو ٻن زنجيرن سان ٻڌل ھو ۽ جيل جي دروازن تي بہ پھرو ھو.

7. اوچتو ئي خداوند جو ھڪڙو ملائڪ اچي سندس اڳيان بيٺو ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ روشنائي چمڪڻ لڳي. ملائڪ پطرس جي ڪلھي تي ھٿ رکي جاڳائي چيس تہ ”جلدي اٿ.“ ھڪدم ھٿڪڙيون سندس ھٿن مان ٽٽي ڪري پيون.

8. پوءِ ملائڪ چيس تہ ”سندرو ٻڌ ۽ جتي پاءِ.“ ھن ائين ئي ڪيو. وري چيائينس تہ ”پنھنجو جبو پاءِ ۽ منھنجي پٺيان ھليو اچ.“

9. پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان ھلڻ لڳو، پر جيڪي ڪجھہ ملائڪ ڪري رھيو ھو تنھن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪا رويا ڏسي رھيو آھيان.“

10. اھي پھرين چونڪيءَ وٽان لنگھي ويا ۽ پوءِ ٻي چونڪي ۽ آخرڪار ھو انھيءَ لوھي دروازي وٽ اچي پھتا، جيڪو شھر ڏانھن کليو ٿي. دروازو ھنن لاءِ پاڻ ئي کلي پيو ۽ ھو ٻاھر نڪري آيا. اھي شھر جي ھڪ گھٽيءَ مان ھلڻ لڳا تہ اوچتو ئي ملائڪ پطرس کي ڇڏي ھليو ويو.

11. جڏھن پطرس ھوش ۾ آيو، تڏھن چوڻ لڳو تہ ”ھاڻي مون کي پڪ ٿي تہ خداوند پنھنجو ملائڪ موڪلي مون کي ھيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آھي ۽ جيڪي يھودي قوم جا ارادا ھئا تن کان ڇڏايو اٿس.“

12. ھن واقعي تي ويچار ڪرڻ کان پوءِ ھو يوحنا عرف مرقس جي ماءُ مريم جي گھر آيو. اتي گھڻا ئي ماڻھو اچي گڏ ٿيا ھئا ۽ دعائون گھري رھيا ھئا.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 12