21. سو ھڪڙو ڏينھن مقرر ڪري ھيروديس شاھاڻي پوشاڪ پھري تخت تي اچي ويٺو ۽ انھن ماڻھن جي اڳيان ھڪڙي تقرير ڪيائين.
22. تنھن تي انھن وڏي آواز ۾ چيو تہ ”ھي ماڻھو نہ، پر خدا ٿو ڳالھائي.“
23. انھيءَ دم خداوند جي ھڪڙي ملائڪ ھيروديس کي ڌڪ ھڻي ڪيرائي وڌو، ڇاڪاڻتہ ھو انھيءَ شرڪ تي خاموش رھيو. پوءِ تہ ھن ۾ جيت پئجي ويا ۽ ھو مري ويو.
24. پر خدا جو ڪلام وڌندو ۽ پکڙبو ويو.
25. برنباس ۽ شائول پنھنجو ڪم پورو ڪري يوحنا عرف مرقس کي پاڻ سان وٺي يروشلم کان انتاخيا ۾ موٽي آيا.