نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 12:11-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. جڏھن پطرس ھوش ۾ آيو، تڏھن چوڻ لڳو تہ ”ھاڻي مون کي پڪ ٿي تہ خداوند پنھنجو ملائڪ موڪلي مون کي ھيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آھي ۽ جيڪي يھودي قوم جا ارادا ھئا تن کان ڇڏايو اٿس.“

12. ھن واقعي تي ويچار ڪرڻ کان پوءِ ھو يوحنا عرف مرقس جي ماءُ مريم جي گھر آيو. اتي گھڻا ئي ماڻھو اچي گڏ ٿيا ھئا ۽ دعائون گھري رھيا ھئا.

13. پطرس ٻاھران در کڙڪايو ۽ رودا نالي ھڪ نوڪرياڻي در تي آئي.

14. جڏھن پطرس جو آواز سڃاتائين، تڏھن خوشيءَ وچان در کولڻ کان اڳي ئي اندر ڊوڙي وڃي ٻڌايائين تہ ”پطرس در تي بيٺو آھي.“

15. تنھن تي ھنن چيس تہ ”تون چري ٿي آھين.“ پر ھوءَ يقين سان چوندي رھي تہ ”اھو سچ آھي.“ ھنن چيس تہ ”اھو سندس ڪو ملائڪ ھوندو.“

16. پطرس در کڙڪائيندو رھيو ۽ جڏھن ھنن در کوليو تہ کيس ڏسي حيران ٿي ويا.

17. پر ھن ماٺ ڪرڻ لاءِ کين ھٿ جو اشارو ڏنو ۽ پوءِ انھن کي ٻڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس جيل مان ڇڏايو. تڏھن کين چيائين تہ ”ھن ڳالھہ جي يعقوب ۽ ٻين ڀائرن کي بہ خبر ڏجو.“ پوءِ ھو اتان نڪري ڪنھن ٻئي ھنڌ ھليو ويو.

18. جڏھن صبح ٿيو تہ سپاھين ۾ ڏاڍي ڦڙڦوٽ پئجي ويئي تہ پطرس ڪيڏانھن ويو؟

19. ھيروديس ھن جي ڳولا ڪرڻ لاءِ کين حڪم ڏنو، پر ھو کيس لھي نہ سگھيا. پوءِ ھن پھريدارن کان پڇا⁠ڳاڇا ڪئي ۽ حڪم ڏنائين تہ کين قتل ڪيو وڃي.ھن کان پوءِ ھيروديس يھوديہ مان ھليو ويو ۽ ڪجھہ وقت وڃي قيصريہ ۾ گذاريائين.

20. ھيروديس بادشاھہ صور ۽ صيدا جي ماڻھن تي ڏاڍو ڪاوڙيل ھو. پر جيئن تہ ھنن کي بادشاھہ جي ملڪ مان سيڌو سامان ملندو ھو، تنھنڪري اھي ٽولو ٺاھي ساڻس ملڻ آيا. ان لاءِ پھريائين ھنن بلاسطس کي پنھنجي پاسي ڪيو، جيڪو بادشاھہ جي محلات جو دربان ھو. پوءِ ھيروديس کي عرض ڪيائون تہ ”اسان سان پرچاءُ ڪريو.“

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 12