نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 11:16-23 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

16. پوءِ مون کي خداوند جو چوڻ ياد آيو تہ ’يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني ھئي، پر اوھان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.‘

17. اھو صاف آھي تہ خدا ساڳي بخشش غير قومن کي بہ عطا ڪئي آھي، جيڪا ھن اسان کي عطا ڪئي ھئي جڏھن اسان خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ھو. پوءِ آءٌ ڪير ھئس جو خدا کي روڪي سگھان ھا؟“

18. جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”خدا غير قومن کي بہ توفيق ڏني آھي تہ ھو توبھہ ڪن ۽ زندگي حاصل ڪن.“

19. استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ جيڪا مصيبت آئي، تنھن جي ڪري ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا. انھن مان ڪي تہ فينيڪي، قبرص ۽ انتاخيا تائين وڃي پھتا. اتي يھودين کان سواءِ ھو ٻئي ڪنھن کي بہ خدا جو ڪلام نہ ٻڌائيندا ھئا.

20. پر انھن مان ڪي قبرص ۽ ڪرين جا ماڻھو جيڪي انتاخيا ۾ پھتا، سي غير قومن کي بہ خداوند عيسيٰ جي خوشخبري ٻڌائڻ لڳا.

21. جيئن تہ خداوند جو مٿن ھٿ ھو، سو ڪيترائي ماڻھو ڏانھس ڦري آيا ۽ خداوند تي ايمان آندائون.

22. ھي خبرون جڏھن يروشلم جي ڪليسيا ۾ پھتيون تہ انھن برنباس کي انتاخيا ڏانھن موڪليو.

23. برنباس جڏھن اتي پھتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ انھن تي فضل ڪيو آھي تڏھن ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين سمجھايائين تہ ”خداوند سان دل⁠ وَ جان سان وفادار رھجو.“

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 11