بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22
  23. 23
  24. 24
  25. 25
  26. 26
  27. 27
  28. 28

نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

پطرس جو پنھنجا ڪم بيان ڪرڻ

1. رسولن ۽ سڄي يھوديہ ۾ ڀائرن ٻڌو تہ غير قومن بہ خدا جو ڪلام قبول ڪيو آھي.

2. جڏھن پطرس يروشلم ۾ آيو تہ جيڪي ايمان وارا طھر ڪرائڻ جي حق ۾ ھئا، تن ساڻس بحث ڪيو تہ

3. ”تون نہ رڳو اڻ⁠طھريلن جي گھر ۾ مھمان ھئين، بلڪ تو انھن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آھي.“

4. تنھن تي پطرس انھن کي شروعات کان وٺي جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو سو سڄو احوال ٻڌايو تہ

5. ”جڏھن آءٌ يافا شھر ۾ دعا گھري رھيو ھوس تہ مون رويا ڏٺي تہ ڪا شيءِ وڏيءَ چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آسمان مان ھيٺ لھندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پھتي.

6. مون چتائي ڏٺو تہ منجھس گھريلو ۽ جھنگلي جانور، جيت ۽ پکي نظر آيا،

7. ۽ ھڪڙو آواز ٻڌم، جنھن مون کي چيو تہ ’پطرس! اٿ ۽ اھي ڪھي کاءُ.‘

8. پر مون چيو تہ ’خداوند! ھرگز نہ، ڇالاءِ⁠جو مون اڄ ڏينھن تائين ڪڏھن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ نہ کاڌي آھي.‘

9. تنھن تي وري آسمان مان آواز آيو تہ ’جنھن شيءِ کي خدا پاڪ ڪيو آھي تنھن کي پليت نہ چئُہ.‘

10. ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اھي سڀيئي شيون آسمان ڏانھن کڄي ويون.

11. ايتري ۾ ٽي ماڻھو جن کي قيصريہ مان مون ڏانھن موڪليو ويو ھو، سي انھيءَ گھر جي اڳيان اچي بيٺا جنھن ۾ آءٌ ٽڪيل ھوس.

12. پاڪ روح مون کي چيو تہ ’تون بنا گھٻرائڻ جي انھن سان گڏ ھليو وڃ.‘ تڏھن ھي اسان جا ڇھہ ڀائر بہ مون سان گڏجي يافا مان ھليا ۽ قيصريہ ۾ اسين ڪرنيليس جي گھر پھتاسون.

13. ھن اسان کي ٻڌايو تہ ڪيئن ھڪ ملائڪ سندس گھر ۾ اچي بيٺو، جنھن کيس چيو تہ ’يافا مان انھيءَ ماڻھوءَ کي گھراءِ، جنھن جو نالو شمعون آھي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آھن.

14. ھو تو کي اھڙو ڪلام ٻڌائيندو جنھن جي وسيلي تو کي ۽ تنھنجي سڄي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.‘

15. جڏھن مون انھن سان ڳالھائڻ شروع ڪيو تہ پاڪ روح انھن تي نازل ٿيو. بلڪل ائين جيئن شروع ۾ اسان تي نازل ٿيو ھو.

16. پوءِ مون کي خداوند جو چوڻ ياد آيو تہ ’يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني ھئي، پر اوھان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.‘

17. اھو صاف آھي تہ خدا ساڳي بخشش غير قومن کي بہ عطا ڪئي آھي، جيڪا ھن اسان کي عطا ڪئي ھئي جڏھن اسان خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ھو. پوءِ آءٌ ڪير ھئس جو خدا کي روڪي سگھان ھا؟“

18. جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”خدا غير قومن کي بہ توفيق ڏني آھي تہ ھو توبھہ ڪن ۽ زندگي حاصل ڪن.“

انتاخيا جي ڪليسيا

19. استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ جيڪا مصيبت آئي، تنھن جي ڪري ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا. انھن مان ڪي تہ فينيڪي، قبرص ۽ انتاخيا تائين وڃي پھتا. اتي يھودين کان سواءِ ھو ٻئي ڪنھن کي بہ خدا جو ڪلام نہ ٻڌائيندا ھئا.

20. پر انھن مان ڪي قبرص ۽ ڪرين جا ماڻھو جيڪي انتاخيا ۾ پھتا، سي غير قومن کي بہ خداوند عيسيٰ جي خوشخبري ٻڌائڻ لڳا.

21. جيئن تہ خداوند جو مٿن ھٿ ھو، سو ڪيترائي ماڻھو ڏانھس ڦري آيا ۽ خداوند تي ايمان آندائون.

22. ھي خبرون جڏھن يروشلم جي ڪليسيا ۾ پھتيون تہ انھن برنباس کي انتاخيا ڏانھن موڪليو.

23. برنباس جڏھن اتي پھتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ انھن تي فضل ڪيو آھي تڏھن ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين سمجھايائين تہ ”خداوند سان دل⁠ وَ جان سان وفادار رھجو.“

24. برنباس ھڪ نيڪ شخص ھو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور ھو. سو گھڻن ئي ماڻھن خداوند تي ايمان آندو.

25. پوءِ برنباس شائول جي ڳولا ۾ ترسس ڏانھن ويو.

26. جڏھن ھن کي ڳولي لڌائين، تڏھن کيس انتاخيا ۾ وٺي آيو. ھو ٻئي ڪليسيا جي ماڻھن سان سڄو سال ملندا رھيا ۽ گھڻن ئي ماڻھن کي تعليم ڏنائون. اھو انتاخيا ۾ ئي ٿيو جو شاگرد پھريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.

27. انھن ڏينھن ۾ ڪي نبي يروشلم مان انتاخيا ڏانھن آيا.

28. انھن مان اگبس نالي ھڪڙو نبي اٿي بيٺو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پيشنگوئي ڪيائين تہ سڄيءَ دنيا ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آھي. ائين ئي ٿيو ۽ اھو ڏڪار ڪلوديس شھنشاھہ جي ڏينھن ۾ پيو.

29. شاگردن مان ھر ھڪ اھو ارادو ڪيو تہ جيڪي ڀائر يھوديہ ۾ رھن ٿا تن ڏانھن پنھنجي وسعت آھر ڪجھہ مدد طور موڪلين.

30. سو ھنن ائين ئي ڪيو ۽ ڪجھہ پيسا برنباس ۽ شائول جي ھٿان ڪليسيا جي بزرگن ڏانھن ڏياري موڪليائون.