نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 10:9-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

9. ٻئي ڏينھن تي جڏھن اھي رستي ۾ ئي ھئا ۽ شھر کي اچي ويجھا ٿيا تہ پطرس اٽڪل ٻنپھرن جو ڪوٺي تي دعا گھرڻ لاءِ چڙھيو.

10. ھن کي بک لڳي ۽ چاھيائين تہ ”ڪجھہ کاوان.“ پر جڏھن کاڌو اڃا تيار پئي ٿيو تہ ھن کي رويا ٿي.

11. ھن ڏٺو تہ آسمان کلي پيو آھي ۽ ڪا شيءِ وڏيءَ چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي زمين طرف ھيٺ لھي رھي آھي.

12. ان ۾ سڀني قسمن جا جانور، جيت ۽ پکي ھئا.

13. ھڪ آواز آيس تہ ”اي پطرس! اٿ ۽ اھي ڪھي کاءُ.“

14. پر پطرس چيو تہ ”اي خداوند! ھرگز نہ، ڇالاءِ⁠جو مون ڪڏھن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ ڪانہ کاڌي آھي.“

15. وري آواز آيس تہ ”جنھن کي خدا پاڪ ڪيو آھي، تنھن کي پليت نہ چئُہ.“

16. ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اھا شيءِ وري آسمان ڏانھن کڄي ويئي.

17. پطرس پاڻ تي حيران ھو تہ ”جيڪا رويا مون ڏٺي تنھن جو مطلب ڇا آھي؟“ ايتري ۾ اھي ماڻھو جيڪي ڪرنيليس موڪليا ھئا، تن شمعون موچيءَ جو گھر ڳولي لڌو ۽ ھاڻي اچي سندس دروازي تي بيٺا ھئا.

18. ھنن سڏ ڪري پڇيو تہ ”شمعون جيڪو پطرس سڏائيندو آھي، سو ھن گھر ۾ ٽڪيل آھي ڇا؟“

19. پطرس اڃا تائين سوچي رھيو ھو تہ انھيءَ رويا جو مطلب ڇا آھي تہ پاڪ روح کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻھو تو کي ڳولي رھيا آھن.

20. سو اٿ ۽ ھيٺ لھي وڃ. انھن سان گڏ وڃڻ کان نہ گھٻرائجانءِ، ڇوتہ مون ئي انھن کي موڪليو آھي.“

21. تنھن تي پطرس ھيٺ لھي ويو ۽ انھن ماڻھن کي چيائين تہ ”آءٌ اھو آھيان، جنھن کي اوھين ڳولي رھيا آھيو. اوھين ڪيئن آيا آھيو؟“

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 10