نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 10:36-48 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

36. اھو ڪلام جيڪو امن جي خوشخبري آھي سو خدا بني اسرائيل قوم ڏانھن عيسيٰ مسيح جي وسيلي موڪليو، جيڪو سڀني جو خداوند آھي.

37. انھيءَ واقعي جي اوھان کي پاڻ خبر آھي، جيڪو يحيٰ جي بپتسما واري تبليغ کان پوءِ سڄي يھوديہ ۾ مشھور ٿي ويو ۽ جنھن جي شروعات گليل کان ٿي.

38. اوھان کي اھا بہ خبر آھي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ کي پاڪ روح ۽ قدرت سان مسح ڪري چونڊيو ھو. ھو ھرھنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو ھو ۽ جن ماڻھن تي شيطان جو غلبو ھو تن کي شفا ڏيندو ھو، ڇالاءِ⁠جو خدا انھيءَ سان ھو.

39. اسين انھن سڀني ڪمن جا شاھد آھيون، جيڪي ھن يھودين جي ملڪ ۽ يروشلم شھر ۾ ڪيا ھئا. پر انھن کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻي ماريو.

40. خدا ٽئين ڏينھن تي کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ پڌرو ڪري ڏيکاريو.

41. خدا سڄيءَ قوم کي نہ، بلڪ انھن شاھدن کي پڌرو ڪري ڏيکاريو جن کي اڳي ئي چونڊي ڇڏيو ھئائين، يعني اسان کي. اسين ئي ساڻس گڏ کائيندا پيئندا ھئاسون، جڏھن خدا کيس وري جيئرو ڪري اٿاريو ھو.

42. عيسيٰ مسيح اسان کي حڪم ڏنو تہ اسين ماڻھن ۾ تبليغ ڪريون ۽ شاھدي ڏيون تہ ھو ئي اھو آھي جنھن کي خدا مئلن ۽ جيئرن جو انصاف ڪندڙ مقرر ڪيو آھي.

43. انھيءَ بابت سڀني نبين جي شاھدي آھي تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو، تنھن جا گناھہ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“

44. جڏھن پطرس اڃا ڳالھايو ئي پئي تہ انھن سڀني تي پاڪ روح نازل ٿيو، جيڪي ڪلام ٻڌي رھيا ھئا.

45. ايمان وارا يھودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا ھئا، سي حيران ٿي ويا تہ خدا پنھنجي بخشش، يعني پاڪ روح غير قومن تي بہ نازل ڪري ٿو،

46. ڇالاءِ⁠جو انھن کي جدا جدا ٻوليون ڳالھائيندي ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي ٻڌائون. تنھن تي پطرس کين چيو تہ

47. ”ھنن ماڻھن کي اسان وانگر ئي پاڪ روح مليو آھي. ھاڻي انھن کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ کان ڪير روڪي سگھي ٿو؟“

48. سو ھن حڪم ڏنو تہ ”انھن کي عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما ڏني وڃي.“ پوءِ انھن پطرس کي عرض ڪيو تہ ”مھرباني ڪري ڪجھہ ڏينھن اسان وٽ ٽڪي پئو.“

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 10