نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 10:1-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. قيصريہ ۾ ڪرنيليس نالي ھڪ ماڻھو ھو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار ھو.

2. ھو ۽ ھن جو سڄو ڪٽنب ديندار ھو ۽ خدا کان ڊڄندا ھئا. غريب يھودين جي ھو ڏاڍي مدد ڪندو ھو ۽ ھر وقت خدا کان پيو دعا گھرندو ھو.

3. ھڪڙي ڏينھن ٽپھريءَ جو ھن رويا ۾ خدا جي ھڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺو، جنھن چيس تہ ”اي ڪرنيليس!“

4. ھن ملائڪ ڏانھن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سائين؟“ ملائڪ چيس تہ ”خدا تنھنجون دعائون ۽ خيراتون قبول ڪيون آھن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.

5. ھاڻي تون ڪي ماڻھو يافا ڏانھن موڪل، جيڪي انھيءَ ماڻھوءَ کي وٺي اچن جنھن جو نالو شمعون آھي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آھن.

6. ھو شمعون نالي ھڪ موچيءَ وٽ ٽڪيل آھي جنھن جو گھر سمنڊ جي ڪناري تي آھي.“

7. پوءِ جيڪو ملائڪ ساڻس ڳالھائي پيو سو ھليو ويو. ڪرنيليس پنھنجن ٻن نوڪرن ۽ ھڪ ديندار سپاھيءَ کي گھرايو، جيڪو ھن جو اردلي ھو.

8. ھن انھن کي سڄي ڳالھہ ٻڌائي ۽ کين يافا ڏانھن موڪليائين.

9. ٻئي ڏينھن تي جڏھن اھي رستي ۾ ئي ھئا ۽ شھر کي اچي ويجھا ٿيا تہ پطرس اٽڪل ٻنپھرن جو ڪوٺي تي دعا گھرڻ لاءِ چڙھيو.

10. ھن کي بک لڳي ۽ چاھيائين تہ ”ڪجھہ کاوان.“ پر جڏھن کاڌو اڃا تيار پئي ٿيو تہ ھن کي رويا ٿي.

11. ھن ڏٺو تہ آسمان کلي پيو آھي ۽ ڪا شيءِ وڏيءَ چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي زمين طرف ھيٺ لھي رھي آھي.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 10