بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22
  23. 23
  24. 24
  25. 25
  26. 26
  27. 27
  28. 28

نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 1 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

پاڪ روح جي موڪلڻ جو واعدو

3. ھن پنھنجي موت کان پوءِ انھن کي پاڻ ڏيکاريو ۽ ڪيتريون ئي ثابتيون ڏنائين تہ ھو جيئرو آھي. ھن چاليھن ڏينھن تائين انھن کي ڪيترائي دفعا پاڻ ڏيکاريو ۽ ساڻن خدا جي بادشاھت بابت ڳالھايائين.

4. ھڪڙي دفعي جڏھن ھو سڀيئي اچي گڏ ٿيا تہ ھن کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”يروشلم نہ ڇڏجو، بلڪ منھنجي پيءُ جي ڪيل واعدي جي پوري ٿيڻ جو انتظار ڪجو، جنھن بابت مون اوھان کي ٻڌايو ھو.

5. يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني ھئي پر اوھان کي ٿورن ڏينھن کان پوءِ پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.“

عيسيٰ جو آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ

6. ٻئي دفعي جڏھن اھي سڀيئي وري اچي گڏ ٿيا تہ انھن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خداوند! بني اسرائيل کي بادشاھت موٽائي ڏيڻ جو وقت اچي ويو آھي ڇا؟“

7. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”وقت ۽ ڏينھن منھنجي پيءُ پنھنجي اختياريءَ سان مقرر ڪري ڇڏيا آھن، تن کي ڄاڻڻ اوھان جو ڪم ناھي.

8. پر جڏھن پاڪ روح اوھان تي نازل ٿيندو، تڏھن اوھان کي طاقت ملندي ۽ اوھين يروشلم ۾، سڄي يھوديہ ۽ سامريہ ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منھنجا شاھد ٿيندا.“

9. اڃا ھن ايترو مس چيو تہ ھو انھن جي ڏسندي ئي آسمان ڏانھن کڄي ويو ۽ ھڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو.

10. جيئن تہ ھو مٿي وڃي رھيو ھو ۽ انھن جون اکيون آسمان ۾ ئي کتل ھيون تہ اوچتو ئي ٻہ ماڻھو نوراني پوشاڪ سان ھنن جي ڀرسان اچي بيٺا.

11. انھن چيو تہ ”اي گليليو! اوھين آسمان ڏانھن ڇو بيٺا نھاريو؟ اھو ئي عيسيٰ، جيڪو اوھان وٽان آسمان ڏانھن کڄي ويو آھي، ساڳي ئي طرح وري موٽي ايندو جيئن اوھان ھن کي آسمان ڏانھن ويندي ڏٺو آھي.“

يھوداہ جي جاءِ تي متياہ کي رسول چونڊڻ

12. پوءِ رسول زيتون نالي ٽڪر کان موٽي يروشلم شھر ۾ آيا، جيڪو اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر جيترو پري آھي.

13. اھي شھر ۾ داخل ٿيا ۽ مٿي ان ماڙيءَ تي ويا جتي رھيل ھئا. اھي پطرس، يوحنا، يعقوب، اندرياس، فلپس، توما، برٿلمئي، متي، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، شمعون قوم⁠پرست ۽ يعقوب جو پٽ يھوداہ ھئا.

14. ھو سڀ گھڻو ڪري گڏجي دعا گھرندا ھئا ۽ ساڻن عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪي عورتون ۽ عيسيٰ جا ڀائر بہ ھوندا ھئا.

15. ھڪڙي ڏينھن جڏھن اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ويھہ ڄڻا اچي گڏ ٿيا، تڏھن پطرس ڀائرن جي وچ ۾ اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ

16. ”اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! انھيءَ پاڪ لکت جو سچو ثابت ٿيڻ ضروري ھو، جنھن ۾ پاڪ روح دائود جي معرفت اڳي ئي يھوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو ھو، جيڪو عيسيٰ کي پڪڙڻ وارن جي رھنمائي ڪندڙ ھو.

17. يھوداہ اسان جي ئي ٽولي مان ھو، ڇاڪاڻ⁠تہ اسان جي ڪم ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس بہ چونڊيو ويو ھو.“

18. يھوداہ جيڪي پيسا پنھنجي بڇڙي ڪم جي عيوض ورتا ھئا، تن مان ھن ھڪ ميدان خريد ڪيو. اتي ھو اونڌو ٿي ڪري پيو، سندس پيٽ ڦاٽي پيو ۽ آنڊا ٻاھر نڪري آيس.

19. جڏھن يروشلم جي سڀني ماڻھن اھو ٻڌو تہ انھن پنھنجي ٻوليءَ ۾ ان زمين کي اڪالديمي سڏيو، جنھن جي معنيٰ آھي ”رت جو ميدان.“

20. پطرس وڌيڪ چيو تہ ”ڇالاءِ⁠جو زبور ۾ لکيل آھي تہ’شل انھيءَ جو گھر ويران ٿئي،۽ منجھس ڪوبہ نہ رھي.‘ ھي بہ لکيل آھي تہ’شل ڪو ٻيو ھن جي خدمت جي جاءِ وٺي.‘

23. سو انھن ٻن ماڻھن جا نالا پيش ڪيا، ھڪڙو يوسف، جنھن کي برسبا عرف يوستُس بہ سڏيندا ھئا ۽ ٻيو متياہ.

24. پوءِ انھن دعا گھري تہ ”اي خداوند! تون سڀني ماڻھن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو ھنن ٻن مان ڪنھن کي چونڊيو آھي تہ

25. اھو رسول جي اھا جاءِ وٺي، جنھن تان يھوداہ خارج ٿيو ۽ پنھنجيءَ جاءِ ڏانھن ھليو ويو.“

26. پوءِ انھن ٻنھي جي لاءِ پُکا وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ ھو يارھن رسولن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.