بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6

نئين عهد نامي

گلتين 5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

مسيح سان آزاد گذارڻ

1. مسيح اسان کي آزاد رھڻ لاءِ ئي آزادي ڏني آھي. تنھنڪري اوھين انھيءَ آزاديءَ کي قائم رکو ۽ پاڻ کي وري غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ جوٽيو.

2. ڌيان سان ٻڌو، آءٌ پولس اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪڏھن اوھين طھر ڪرائيندا تہ مسيح کان اوھان کي ڪوبہ فائدو نہ پھچندو.

3. آءٌ ھر ھڪ طھر ڪرائيندڙ شخص کي ٻيھر چتاءُ ٿو ڏيان تہ اھو ساري شريعت تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻڌل آھي.

4. اوھين جيڪي شريعت جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻجڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سي مسيح کان جدا ۽ خدا جي فضل کان محروم ٿي ويا آھيو.

5. پر اسين پاڪ روح جي وسيلي ايمان جي ڪري سچار بڻايا وينداسين. انھيءَ اميد جي پوري ٿيڻ جو اسين وڏي چاھہ سان انتظار ڪري رھيا آھيون.

6. ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.

7. اوھين تہ ايمان جي ڊوڙ چڱيءَ طرح ڊوڙي رھيا ھئا. پوءِ ڪنھن اوھان کي سچ کي مڃڻ کان روڪي ڇڏيو؟

8. اھو ڪم اوھان جي سڏڻ واري خدا جي طرفان نہ آھي.

9. چوندا آھن تہ ٿورڙو ئي خميرو سڄي ڳوھيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آھي.

10. اسان جي خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري مون کي اوھان بابت يقين آھي تہ اوھين ٻيءَ طرح جو ڪوبہ خيال نہ ڪندا. پر جيڪو ماڻھو اوھان کي پريشان ٿو ڪري سو ڪير بہ ھوندو تہ سزا پائيندو.

11. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ھن وقت تائين آءٌ اھا تبليغ ڪريان ٿو تہ طھر ڪرائڻ ضروري آھي، تہ پوءِ آءٌ ڇو ٿو اڃا تائين ستايو وڃان؟ جيڪڏھن ائين ھو تہ پوءِ منھنجي صليب جي تبليغ ٿاٻڙائڻ جو باعث نہ رھي.

12. شل جيڪي اوھان کي بي⁠آرام ڪن ٿا، سي پنھنجو پاڻ کي ڪپي نامرد بڻائي ڇڏين تہ چڱو.

13. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آھيو. پر پنھنجي انھيءَ آزاديءَ کي جسماني خواھشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ محبت جي رستي ھڪ ٻئي جي خدمت ڪريو.

14. ڇالاءِ⁠جو سڄي شريعت ھن ھڪڙيءَ ئي ڳالھہ ۾ پوري ٿئي ٿي تہ”تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“

15. پر جيڪڏھن اوھين ھڪ ٻئي کي چڪ ھڻندا ۽ ڳھندا ٿا وڃو تہ خبردار ٿجو متان ھڪ ٻئي کي چٽ نہ ڪري ڇڏيو.

پاڪ روح ۽ انساني فطرت

16. پر آءٌ چوان ٿو تہ پاڪ روح جي ھدايتن تي ھلو، تہ پوءِ اوھين انساني فطرت جي خواھشن کي ڪڏھن بہ پورو نہ ڪندا.

17. ڇالاءِ⁠جو انساني فطرت پاڪ روح جي برخلاف خواھش ڪري ٿي ۽ پاڪ روح انساني فطرت جي برخلاف. ھي ٻئي ھڪٻئي جا دشمن آھن، انھيءَ ڪري جيڪي اوھين ڪرڻ چاھيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو.

18. پر جيڪڏھن اوھين پاڪ روح جي ھدايتن تي ھلو ٿا تہ شريعت جي تابع نہ آھيو.

19. ھاڻي انساني فطرت جا ڪم ظاھر آھن، يعني حرامڪاري، ناپاڪي ۽ شھوت⁠پرستي،

20. بت⁠پرستي، جادوگري، دشمني ۽ جھيڙو جھڳڙو، حسد، ڪاوڙ، مفادپرستي، جدايون ۽ ڌڙابندي،

21. بغض، نشي⁠بازي، عيش⁠پرستي ۽ ٻيا اھڙا ڪم. انھن بابت جيئن اڳي بہ مون اوھان کي خبردار ڪيو ھو، تيئن ھاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا سي خدا جي بادشاھت جا وارث ڪين ٿيندا.

22. پر پاڪ روح جو ڦل آھي پيار، خوشي، اطمينان، صبر، مھرباني، نيڪي، ايمانداري،

23. نماڻائي ۽ پرھيزگاري. اھڙين ڳالھين جي خلاف ڪابہ شريعت نہ آھي.

24. جيڪي عيسيٰ مسيح جا آھن، تن انساني فطرت کي ان جي لاڙن ۽ برين خواھشن سميت صليب تي چاڙھي ڇڏيو آھي.

25. جڏھن تہ اسين پاڪ روح جي ڪري جيئرا آھيون، تڏھن اسان کي ھلڻ بہ پاڪ روح جي ھدايتن موجب کپي.

26. اسان کي گھرجي تہ اجايو فخر نہ ڪريون، نہ ھڪٻئي کي چيڙايون ۽ نڪي ھڪٻئي ڏانھن بغض رکون.