نئين عهد نامي

گلتين 4:15-26 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. پوءِ اوھان جي اھا سرھائي ڪٿي آھي؟ ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان جو شاھد آھيان تہ جي ائين ٿي سگھي ھا تہ جيڪر اوھين پنھنجيون اکيون بہ ڪڍي مون کي ڏيو ھا.

16. تڏھن ھاڻي سچ چوڻ ڪري آءٌ اوھان جو دشمن ٿي پيو آھيان ڇا؟

17. اھي شريعت جا پابند اوھان کي پنھنجو بنائڻ جي ڪوشش تہ ڪن ٿا، پر سندن نيت صاف نہ آھي. اھي اوھان کي مون کان ڌار ڪرڻ چاھين ٿا تہ جيئن اوھين رڳو انھن کي ئي پنھنجو سمجھو.

18. پنھنجي طرف ڪرڻ جو جذبو تہ سٺي ڳالھہ آھي، بشرطيڪ نيت صاف ھجي. پر ائين ھميشہ ڪيو وڃي، نہ رڳو تڏھن جڏھن آءٌ اوھان ۾ موجود ھجان.

19. اي منھنجا ٻارڙؤ! آءٌ اوھان جي لاءِ وري ٻار ڄڻيندڙ عورت وانگر سور محسوس ڪريان ٿو، جيستائين اوھين پوريءَ طرح مسيح جھڙا بڻجي نہ ٿا وڃو.

20. شل ھاڻي ئي آءٌ اوھان وٽ حاضر ٿي ڪنھن ٻئي نموني ڳالھايان، ڇالاءِ⁠جو مون کي اوھان بابت ڏاڍو مونجھارو آھي.

21. اوھين جيڪي شريعت جي تابع رھڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوھين شريعت جون ڳالھيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟

22. ڇالاءِ⁠جو ان ۾ لکيل آھي تہ ابراھيم کي ٻہ پٽ ھئا، ھڪڙو ٻانھيءَ مان ۽ ٻيو سندس زال مان جيڪا ٻانھي نہ ھئي.

23. ٻانھيءَ وارو پٽ جسماني طرح ڄائو ھو، پر آزاد زال وارو پٽ خدا جي واعدي موجب ڄائو ھو.

24. انھن ڳالھين مان ھڪڙو مثال وٺجي ٿو، ڇالاءِ⁠جو اھي ٻہ عورتون ڄڻ تہ ٻہ عھد آھن. انھن مان ھڪڙو سينا جبل وارو آھي، جنھن ڪري غلام ئي پيدا ٿين ٿا ۽ اھا آھي ھاجرہ.

25. ھاڻي اھا ھاجرہ عربستان جي سينا جبل جي مثل آھي ۽ ان جي ڀيٽ ھاڻوڪي يروشلم سان ڪري سگھجي ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھو شھر بہ پنھنجي رھاڪن سميت غلاميءَ ۾ آھي.

26. پر آسماني يروشلم آزاد آھي ۽ اھا اسان جي ماءُ آھي.

مڪمل باب پڙهڻ گلتين 4