نئين عهد نامي

گلتين 3:20-29 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

20. پر رڳو ھڪ ڌر جي لاءِ وچ واري جي ضرورت نہ ٿيندي آھي ۽ خدا ھڪڙو آھي.

21. تہ پوءِ شريعت خدا جي واعدن جي برخلاف آھي ڇا؟ ھرگز نہ. ڇالاءِ⁠تہ جيڪڏھن ڪا اھڙي شريعت ڏني وڃي ھا جيڪا حياتي بخشي سگھي ھا تہ جيڪر سچائي شريعت جي وسيلي ملي ھا.

22. پر پاڪ ڪتاب جي بيان مطابق سڄي دنيا گناھہ جي قيد ۾ آھي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اھا بخشش، جنھن جو واعدو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري ڪيو ويو آھي سا ايمان آڻيندڙن کي ڏني وڃي.

23. پر انھيءَ ايمان جي اچڻ کان اڳ اسين شريعت جي نگھبانيءَ ۾ قيد ھئاسين ۽ ايمان جي اچڻ تائين، جيڪو پوءِ ظاھر ٿيڻ وارو ھو، اسين شريعت جا پابند رھياسين.

24. سو شريعت مسيح جي اچڻ تائين اسان جي نگھبان ٿي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اسين ايمان جي وسيلي سچار بڻايا وڃون.

25. ھاڻي جڏھن ايمان اچي ويو آھي تہ پوءِ اسين نگھبان جي سنڀال ھيٺ نہ آھيون.

26. ڇالاءِ⁠جو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري خدا جا ٻار آھيو.

27. انھيءَ لاءِ تہ اوھان مان جيترن بہ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي وڃڻ جي بپتسما ورتي تن مسيح کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيو.

28. تہ پوءِ يھودي ۽ غير يھوديءَ ۾، غلام ۽ آزاد ۾، مرد ۽ عورت ۾ ڪوبہ فرق نہ آھي. ڇالاءِ⁠جو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيو.

29. جيڪڏھن اوھين مسيح جا آھيو تہ پوءِ ابراھيم جو نسل آھيو ۽ خدا جي واعدي موجب وارث بہ آھيو.

مڪمل باب پڙهڻ گلتين 3