نئين عهد نامي

گلتين 3:10-24 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. ڇالاءِ⁠جو جيڪي ⁠بہ شريعت جي ڪمن تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت ھيٺ اچن ٿا. ھن ڪري جو لکيل آھي تہ”جيڪو انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪرڻ ۾قائم نہ ٿو رھي،جيڪي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آھن،سو لعنتي آھي.“

11. ھاڻي اھا ڳالھہ صاف ظاھر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت جي ڪري خدا جي نظر ۾ سچار نہ ٿو بڻجي. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ”جيڪو ايمان جي وسيلي سچار ٿو بڻجي،اھو ئي شخص جيئرو رھندو.“

12. شريعت جو ايمان سان ڪو واسطو ڪونھي، بلڪ لکيل آھي تہ”جيڪو شريعت جي ڳالھين تي عمل ڪري ٿو،سو انھن جي ڪري ئي جيئرو رھندو.“

13. مسيح اسان کي خريد ڪري شريعت جي لعنت کان ڇڏايو ۽ پاڻ اسان جي بدران لعنتي بڻيو. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو،سو لعنتي آھي.“

14. ھي انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن ابراھيم کي مليل برڪت عيسيٰ مسيح جي وسيلي غير قومن تائين پھچي ۽ اسان کي ايمان جي وسيلي اھو پاڪ روح ملي، جنھن جو واعدو ٿيل آھي.

15. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي روزاني زندگيءَ جو ھڪ مثال ڏيان ٿو تہ انسان جي تصديق ڪيل عھدنامي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي وڌائي سگھي ٿو.

16. ھاڻي خدا ابراھيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا. ان موقعي تي پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنھن مان سندس مطلب گھڻا ماڻھو ھجن. پر ھو چوي ٿو تہ ”تنھنجي نسل سان،“ جنھن مان ھن جو مطلب ھڪڙو شخص آھي ۽ اھو مسيح آھي.

17. ھاڻي آءٌ ائين ٿو چوان تہ جنھن عھد جي خدا پھريائين ئي تصديق ڪئي ھئي تنھن کي شريعت، جيڪا چار سو ٽيھن سالن کان پوءِ آئي، سا رد ڪري نہ ٿي سگھي. اھڙيءَ طرح اھا خدا جي واعدي کي بيڪار نہ ٿي ڪري.

18. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ميراث شريعت جي ڪري ملي آھي تہ اھا واعدي جي ڪري ناھي. پر خدا واعدي جي ڪري ئي اھا ابراھيم کي بخشي.

19. تہ پوءِ شريعت جو مقصد ڇا آھي؟ بعد ۾ شريعت انھيءَ لاءِ ڳنڍي ويئي تہ اھو ظاھر ٿئي تہ حقيقت ۾ گناھہ ڇا آھي؟ شريعت جو مدو ابراھيم جي انھيءَ نسل جي اچڻ تائين ھو جنھن سان خدا واعدو ڪيو ھو. اھا شريعت ملائڪن جي وسيلي ھڪ وچ واري جي معرفت ڏني ويئي.

20. پر رڳو ھڪ ڌر جي لاءِ وچ واري جي ضرورت نہ ٿيندي آھي ۽ خدا ھڪڙو آھي.

21. تہ پوءِ شريعت خدا جي واعدن جي برخلاف آھي ڇا؟ ھرگز نہ. ڇالاءِ⁠تہ جيڪڏھن ڪا اھڙي شريعت ڏني وڃي ھا جيڪا حياتي بخشي سگھي ھا تہ جيڪر سچائي شريعت جي وسيلي ملي ھا.

22. پر پاڪ ڪتاب جي بيان مطابق سڄي دنيا گناھہ جي قيد ۾ آھي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اھا بخشش، جنھن جو واعدو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري ڪيو ويو آھي سا ايمان آڻيندڙن کي ڏني وڃي.

23. پر انھيءَ ايمان جي اچڻ کان اڳ اسين شريعت جي نگھبانيءَ ۾ قيد ھئاسين ۽ ايمان جي اچڻ تائين، جيڪو پوءِ ظاھر ٿيڻ وارو ھو، اسين شريعت جا پابند رھياسين.

24. سو شريعت مسيح جي اچڻ تائين اسان جي نگھبان ٿي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اسين ايمان جي وسيلي سچار بڻايا وڃون.

مڪمل باب پڙهڻ گلتين 3