نئين عهد نامي

گلتين 3:1-7 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اي نادان گلتيو! ڪنھن اوھان تي جادو ڪيو آھي؟ اوھان جي اکين اڳيان تہ عيسيٰ مسيح کي صليب تي چاڙھي سندس موت جو منظر ظاھر ظھور ڏيکاريو ويو.

2. آءٌ اوھان کان رڳو ايترو معلوم ڪرڻ ٿو گھران تہ پاڪ روح اوھان کي خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ ڪري مليو يا شريعت جي ڪمن ڪرڻ ڪري؟

3. اوھين ايترا نادان آھيو ڇا جو پاڪ روح جي وسيلي نئين زندگي شروع ڪري ھاڻي جسماني طور ان جي پڄاڻي ڪرڻ چاھيو ٿا؟

4. اوھان ھيتريون تڪليفون اجايو سٺيون ڇا؟ اھي سچ⁠پچ اجايو ھيون ڇا؟

5. خدا اوھان کي پاڪ روح بخشي ٿو ۽ اوھان ۾ معجزا ڪري ٿو. پوءِ ڇا ھو اھو ڪم اوھان جي شريعت جي ڪمن ڪرڻ سبب ٿو ڪري يا خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ سبب؟

6. ابراھيم جو مثال وٺو، جنھن خدا تي ايمان آندو ۽ سندس اھو ايمان ھن لاءِ سچائي ليکيو ويو.

7. سو ائين سمجھو تہ جيڪي ايمان وارا آھن، حقيقت ۾ اھي ئي ابراھيم جو اولاد آھن.

مڪمل باب پڙهڻ گلتين 3