نئين عهد نامي

گلتين 2:15-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. حقيقت ۾ اسين ڄائي ڄم کان يھودي آھيون ۽ غير قومون نہ آھيون، جن کي گنھگار چون ٿا.

16. تنھن ھوندي بہ اسان کي خبر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان سچار بڻجي ٿو. تنھنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب سچار بڻجون. ڇالاءِ⁠جو شريعت جي ڪمن سبب ڪوبہ انسان سچار نہ بڻبو.

17. پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي سچار بڻجڻ ٿا گھرون، جيڪڏھن پاڻ ئي گنھگار نڪري پئون تہ ڇا مسيح گناھہ جو ڪارڻ آھي؟ ھرگز نہ.

18. ڇالاءِ⁠جو جيڪي شيون مون ڊاھيون آھن، سي جيڪڏھن آءٌ وري ٺاھيندس تہ پاڻ کي قصوروار ثابت ڪندس.

19. سو آءٌ شريعت جي وسيلي مري ويس، تنھنڪري شريعت جي بنسبت آءٌ مئل آھيان، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي لاءِ جيئرو رھان.

20. آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙھيو ويو آھيان. ھاڻي آءٌ جيئرو نہ رھيو آھيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آھي. سو جيڪا زندگي ھاڻي آءٌ جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان آڻڻ ڪري گذاري رھيو آھيان. ھن مون سان پيار ڪيو ۽ منھنجي بدران پنھنجي جان ڏني.

21. آءٌ خدا جي فضل کي بيڪار نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ⁠تہ سچائي جيڪڏھن شريعت جي وسيلي ملي ھا تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ھا.

مڪمل باب پڙهڻ گلتين 2