نئين عهد نامي

ڪلسين 2:1-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي خبر پوي تہ اوھان لاءِ، لوديڪيا ۾ رھندڙن لاءِ ۽ انھن سڀني لاءِ جن ذاتي طور منھنجو منھن نہ ڏٺو آھي، آءٌ ڪيتري قدر سخت محنت ٿو ڪريان.

2. اھو آءٌ ھن ڪري ٿو ڪريان تہ سندن دلين ۾ ھمت پيدا ٿئي ۽ اھي محبت سان پاڻ ۾ ھڪ ٿي رھن ۽ پوري سمجھہ جي ڀرپور دولت حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز، يعني مسيح کان واقف ٿين.

3. ھن ۾ ئي ڏاھپ ۽ علم جا سڀ خزانا لڪل آھن.

4. ھي آءٌ انھيءَ ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو ماڻھو گمراھہ ڪندڙ مٺڙيون ڳالھيون ڪري اوھان کي ڀلائي نہ وجھي.

5. ڇالاءِ⁠جو جيتوڻيڪ آءٌ جسماني طور اوھان وٽ موجود نہ آھيان، تڏھن بہ روحاني طور اوھان وٽ موجود آھيان. آءٌ اوھان جي قاعدي پٽاندڙ ھلڻ ۽ مسيح تي اوھان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان.

6. تنھنڪري جھڙيءَ طرح اوھان عيسيٰ مسيح کي خداوند ڪري قبول ڪيو آھي، تھڙيءَ طرح ساڻس گڏجي ھڪ ٿي زندگي گذاريندا رھو.

7. مسيح ۾ پاڙ ڄمائيندا ۽ مٿس پنھنجي زندگي اڏيندا وڃو. جيئن اوھان کي تعليم ملي آھي، تيئن ايمان ۾ مضبوط ٿيندا وڃو ۽ بيحد شڪرگذاري ڪندا رھو.

8. خبردار رھجو، متان ڪو ماڻھو انھيءَ اجائي ۽ گمراھہ ڪندڙ فيلسوفيءَ سان اوھان کي شڪار ڪري نہ وٺي، جيڪا ماڻھن جي روايتن ۽ ھن دنيا جي ابتدائي اصولن موجب آھي نہ مسيح موجب.

9. ڇالاءِ⁠جو خدا جي ذات جي ساري ڀرپوري، مجسم طور مسيح ۾ ٿي رھي.

10. مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان کي ڀرپور زندگي ملي آھي. ھو ھر حڪومت ۽ اختيار جو سر آھي.

11. انھيءَ سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان جو اھڙو طھر ٿيو آھي جيڪو ماڻھن جي ھٿن سان نہ، بلڪ مسيح کان ٿيو آھي. انھيءَ طھر سان اوھان جي گناھن سان ڀريل فطرت کي لاٿو ويو آھي.

12. اوھين بپتسما جي وسيلي مسيح سان گڏ دفن ٿيا ۽ خدا، جنھن کيس مئلن مان جياريو تنھن جي قدرت تي ايمان رکڻ جي ڪري اوھين ساڻس گڏ جياري اٿاريا ويا.

13. جڏھن اوھين پنھنجي گناھن جي ڪري ۽ پنھنجي گناھن سان ڀريل فطرت جي اڻ⁠طھريل ھجڻ ڪري مئل ھئا، تڏھن خدا اوھان کي مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو. ھن اسان جا سڀيئي گناھہ بخشي ڇڏيا،

14. ۽ پنھنجي حڪمن جي انھيءَ دستاويز کي رد ڪري ڇڏيائين جيڪو اسان بابت ۽ اسان جي خلاف ھو. ھن انھيءَ کي صليب تي ڪوڪا ھڻي پري ڪري ڇڏيو.

15. خدا حڪومتن ۽ اختيار وارن کان ھٿيار کسي کين کليو کلايو تماشو بڻايو ۽ صليب جي وسيلي انھن تي، جيڪي قيدين وانگر ھئا، فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين.

16. تنھنڪري ڪوبہ ماڻھو کاڌي پيتي، عيد، نئين چنڊ يا سبت جي ڏينھن جي رسمن بابت اوھان تي تھمت نہ ھڻي.

مڪمل باب پڙهڻ ڪلسين 2