نئين عهد نامي

ڪلسين 1:13-24 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. ھن اسان کي اونداھيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنھنجي پياري فرزند جي بادشاھت ۾ آندو،

14. جنھن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو، يعني گناھن جي معافي ملي آھي.

15. خدا جيڪو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، تنھن جي ظاھري صورت مسيح آھي. ھو ساري مخلوقات کان مٿاھون آھي.

16. ڇالاءِ⁠جو ھن جي وسيلي سڀ شيون، آسمان ۾ توڙي زمين تي، ڏسڻ ۾ ايندڙ توڙي ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ پيدا ڪيون ويون. تخت ھجن توڙي طاقتون، حڪومتون ھجن توڙي اختياريون، سموريون شيون ھن جي وسيلي ۽ ھن جي لاءِ پيدا ٿيون آھن.

17. اھو ئي سڀني شين کان اڳي موجود آھي ۽ سڀ شيون ھن سان گڏ ھئڻ ڪري قائم رھن ٿيون.

18. اھو ئي بدن، يعني ڪليسيا جو سر آھي. اھو ئي منڍ آھي ۽ اھو ئي پھريون شخص آھي جيڪو مئلن منجھان جي اٿيو آھي، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ ھن کي اول درجو ھجي.

19. ڇالاءِ⁠جو خدا کي اھو وڻيو تہ سندس ساري ڀرپوري انھيءَ ۾ رھي.

20. خدا چاھيو ٿي تہ مسيح جي صليب تي وھايل رت جي وسيلي صلح ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان صحيح رابطو قائم ڪري، پوءِ اھي زمين تي ھجن توڙي آسمان ۾.

21. ڪنھن وقت اوھين خدا کان ڇڄي ڌار ٿيل ھئا ۽ پنھنجن بڇڙن ڪمن جي ڪري پنھنجيءَ دل ۾ سندس دشمن ٿي پيا ھئا.

22. پر ھاڻي ھن اوھان کي مسيح جي جسماني موت جي وسيلي پاڻ سان صحيح رابطي ۾ آندو آھي. انھيءَ لاءِ تہ ھو اوھان کي پاڪ، بي⁠عيب ۽ بي⁠ڏوھہ بڻائي پنھنجي حضور ۾ حاضر ڪري،

23. بشرطيڪ اوھين پنھنجي ايمان جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رھو ۽ جيڪا خوشخبري اوھان ٻڌي آھي تنھن جي اميد نہ ڇڏيو. انھيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان ھيٺان رھندڙ ھر ڪنھن ماڻھوءَ ۾ ڪئي ويئي آھي، جنھن جو آءٌ پولس خادم ٿيو آھيان.

24. ھاڻي آءٌ انھن ڏکن جي ڪري خوش آھيان، جيڪي اوھان جي خاطر پيو سھان. اھڙيءَ طرح آءٌ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنھنجي جسم ۾ پوري پيو ڪريان.

مڪمل باب پڙهڻ ڪلسين 1