نئين عهد نامي

يوحنا 9:31-41 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

31. اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنھگارن جي نہ ٻڌندو آھي، پر جيڪڏھن ڪو خداپرست آھي ۽ سندس مرضيءَ تي ھلي ٿو تہ خدا انھيءَ جي ٻڌي ٿو.

32. ھن دنيا جي شروعات کان وٺي ائين ڪڏھن بہ ٻڌڻ ۾ ڪونہ آيو تہ ڄائي ڄم کان انڌي ماڻھوءَ جون ڪنھن بہ اکيون کوليون ھجن.

33. جيڪڏھن ھي ماڻھو خدا جي طرفان نہ ھجي ھا تہ ڪجھہ بہ نہ ڪري سگھي ھا.“

34. تنھن تي انھن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي گناھن ۾ آھين ۽ ھاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ تہ انھن کيس عبادت⁠خاني مان ڪڍي ڇڏيو.

35. جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ انھيءَ ماڻھوءَ کي عبادت⁠خاني مان ڪڍي ڇڏيو اٿن، تڏھن عيسيٰ کيس ڳولي وڃي لڌو ۽ چيائينس تہ ”ڇا تون ابن⁠آدم تي ايمان آڻين ٿو؟“

36. تنھن تي ھن پڇيس تہ ”سائين! اھو ڪير آھي جو آءٌ مٿس ايمان آڻيان؟“

37. عيسيٰ چيس تہ ”تو تہ کيس اڳي ئي ڏٺو آھي ۽ اھو ھاڻي تو سان ڳالھائي رھيو آھي.“

38. انھيءَ ماڻھوءَ چيو تہ ”اي خداوند! آءٌ ايمان آڻيان ٿو.“ پوءِ کيس سجدو ڪيائين.

39. عيسيٰ چيس تہ ”آءٌ ھن دنيا ۾ انصاف ڪرڻ لاءِ آيو آھيان تہ جيئن انڌا ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“

40. پوءِ اھي فريسي جيڪي ساڻس گڏ ھئا، تن جڏھن اھي ڳالھيون ٻڌيون، تڏھن انھن پڇيس تہ ”ڇا اسين بہ انڌا آھيون؟“

41. عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين انڌا ھجو ھا تہ اوھان تي ڪو ڏوھہ نہ ٿئي ھا. پر ھاڻي تہ اوھين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ڏسون ٿا،‘ سو اوھان تي ڏوھہ ثابت آھي.“

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 9