نئين عهد نامي

يوحنا 8:35-44 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

35. خاندان ۾ غلام کي ڪوبہ حق نہ آھي، پر پٽ کي ھر ڪو حق حاصل آھي.

36. تنھنڪري جيڪڏھن فرزند اوھان کي آزاد ڪندو تہ اوھين سچ⁠پچ آزاد ٿيندا.

37. مون کي خبر آھي تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو، تہ بہ اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجي ڪلام کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو.

38. آءٌ اوھان کي اھو ٻڌايان ٿو جيڪي مون پيءُ وٽ ڏٺو آھي، پر اوھين اھي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوھان پنھنجي پيءُ کان ٻڌا آھن.“

39. تنھن تي انھن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ ابراھيم آھي.“ عيسيٰ چين تہ ”جيڪڏھن اوھين ابراھيم جو اولاد ھجو ھا تہ اوھين بہ انھيءَ جھڙا ڪم ڪريو ھا.

40. پر اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، جنھن اوھان کي سچ ٻڌايو آھي. مون اھو ئي ٻڌايو آھي جيڪو مون خدا کان ٻڌو آھي. ابراھيم تہ اھڙو ڪم ڪونہ ڪيو ھو.

41. اوھين اھي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوھان جي پيءُ ڪيا آھن.“ تڏھن انھن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ رڳو خدا آھي ۽ اسين سندس ئي حقيقي اولاد آھيون.“

42. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن خدا اوھان جو پيءُ ھجي ھا تہ اوھين مون سان پيار ڪريو ھا، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ خدا وٽان آيو آھيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آھيان پر ھن مون کي موڪليو آھي.

43. اوھين منھنجو ڳالھائڻ ڇو نہ ٿا سمجھو؟ اھو انھيءَ لاءِ تہ اوھين منھنجي ڪلام کي ٻڌي نہ ٿا سگھو.

44. اوھين پنھنجي پيءُ يعني شيطان جا فرزند آھيو ۽ پنھنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. شروعات کان وٺي ھو خوني ھو ۽ ھن ڪڏھن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن ۾ سچ نہ آھي. جڏھن ھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي تہ پنھنجي طبيعت موجب ٿو ڳالھائي، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪوڙو آھي ۽ ڪوڙ جو باني آھي.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 8