نئين عهد نامي

يوحنا 7:1-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھن کان پوءِ عيسيٰ گليل ۾ پئي گھميو. ھو يھوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاھي، ڇالاءِ⁠جو اتي يھودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رھيا ھئا.

2. يھودين جي تنبن واري عيد ويجھي ھئي،

3. تنھنڪري عيسيٰ جي ڀائرن کيس چيو تہ ”ھتان نڪري يھوديہ ڏانھن ھليو وڃ، جتي تنھنجا شاگرد تنھنجا ھي ڪم ڏسن جيڪي تون ڪري رھيو آھين.

4. ڇالاءِ⁠جو جيڪو مشھور ٿيڻ چاھيندو آھي سو پنھنجا ڪم نہ لڪائيندو آھي. جيئن تہ تون بہ اھي ڪم ڪري رھيو آھين، سو ڀل تہ سڄي دنيا تو کي ڏسي.“

5. ڇاڪاڻ⁠تہ سندس ڀائرن جو بہ مٿس ايمان نہ ھو.

6. تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آھي، پر اوھان جو وقت تہ سدائين آھي.

7. دنيا اوھان کان نفرت ڪري نہ ٿي سگھي پر اھا مون کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو آءٌ کيس ٻڌائيندو رھيو آھيان تہ سندس ڪم بڇڙا آھن.

8. اوھين ڀلي عيد تي وڃو. آءٌ ھن عيد تي نہ ٿو وڃان، ڇاڪاڻ⁠تہ منھنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آھي.“

9. اھي ڳالھيون چوڻ کان پوءِ ھو اتي ئي گليل ۾ رھي پيو.

10. ھن کان پوءِ عيسيٰ جا ڀائر عيد تي ويا. ھو پاڻ بہ عيد تي ويو پر کليو کلايو نہ، بلڪ لڪ چوريءَ ويو.

11. جڏھن تہ يھودي اڳواڻ کيس عيد تي ڳولڻ لڳا ۽ پڇيائون پئي تہ ”عيسيٰ ڪٿي آھي؟“

12. ماڻھن ۾ ھن بابت ڏاڍي سس⁠پس پئي ٿي. ڪن پئي چيو تہ ”ھو نيڪ ماڻھو آھي.“ پر ٻين پئي چيو تہ ”نہ، ھو ماڻھن کي گمراھہ ڪري رھيو آھي.“

13. پر ھن بابت ڪوبہ کليو کلايو نہ پيو ڳالھائي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو يھودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.

14. جڏھن عيد جا اڌ جيترا ڏينھن گذريا تہ ان مھل عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 7