نئين عهد نامي

يوحنا 6:43-63 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

43. عيسيٰ وراڻين تہ ”ڪرڪڻ بند ڪريو.

44. ڪوبہ ماڻھو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي سو کيس نہ ڇڪي. آءٌ آخرت جي ڏينھن تي کيس جيئرو ڪري اٿاريندس.

45. نبين جي صحيفن ۾ لکيل آھي تہ ’انھن سڀني کي خدا سيکاريندو.‘ جيڪوبہ پيءُ کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو سو ئي مون وٽ اچي ٿو.

46. ان جي معنيٰ اھا نہ آھي تہ ڪنھن ماڻھوءَ پيءُ کي ڏٺو آھي، پر رڳو انھيءَ ئي پيءُ کي ڏٺو آھي، جيڪو خدا جي طرفان آيو آھي.

47. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو بہ ايمان آڻي ٿو تنھن جي ئي زندگي دائمي آھي.

48. آءٌ زندگيءَ جي ماني آھيان.

49. اوھان جي ابن ڏاڏن رڻ⁠پٽ ۾ مَنَ کاڌي ھئي، تڏھن بہ مري ويا.

50. پر جيڪا ماني آسمان مان نازل ٿئي ٿي، سا اھڙي آھي جنھن کي جيڪو بہ کائيندو سو نہ مرندو.

51. آءٌ اھا زندہ ماني آھيان جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي. جيڪڏھن ڪو ھن مانيءَ مان کائيندو تہ اھو ھميشہ زندہ رھندو. جيڪا ماني آءٌ ڏيندس سا منھنجو جسم آھي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن ھن دنيا کي زندگي ملي.“

52. تنھن تي يھودي پاڻ ۾ سخت بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو پنھنجو جسم اسان کي کائڻ لاءِ ڪيئن ڏيندو؟“

53. عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوھين ابن⁠آدم جو گوشت نہ کائيندا ۽ سندس رت نہ پيئندا، تيستائين اوھان ۾ زندگي نہ ھوندي.

54. جيڪو بہ منھنجو گوشت ٿو کائي ۽ منھنجو رت ٿو پيئي، تنھن جي زندگي دائمي آھي ۽ آءٌ کيس آخرت جي ڏينھن تي جيئرو ڪري اٿاريندس.

55. ڇالاءِ⁠جو منھنجو گوشت سچ⁠پچ کائڻ جي شيءِ آھي ۽ منھنجو رت سچ⁠پچ پيئڻ جي شيءِ آھي.

56. جيڪوبہ منھنجو گوشت کائي ٿو ۽ منھنجو رت پيئي ٿو، سو مون ۾ رھي ٿو ۽ آءٌ ھن ۾ رھان ٿو.

57. جھڙيءَ طرح زندہ پيءُ مون کي موڪليو آھي ۽ آءٌ ھن جي ڪري زندہ آھيان، تھڙيءَ طرح جيڪو بہ مون کي کائي ٿو سو منھنجي ڪري زندہ رھندو.

58. ھيءَ اھا ماني آھي جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي. ھيءَ ماني اھڙي نہ آھي جھڙي اوھان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا، پر جيڪو ھيءَ ماني کائيندو سو ھميشہ زندہ رھندو.“

59. ھي ڳالھيون ھن ڪفرناحوم جي عبادت⁠خاني ۾ تعليم ڏيندي ٻڌايون ھيون.

60. ڪيترن ئي شاگردن اھو ٻڌو ۽ چيائون تہ ”ھيءَ ڳالھہ ڏاڍي ڏکي آھي. اھا ڪير ٻڌي سگھندو؟“

61. عيسيٰ پاڻ سمجھي ويو تہ سندس شاگرد ھن ڳالھہ تي ڪُرڪي رھيا آھن، تنھنڪري انھن کي چيائين تہ ”ھيءَ ڳالھہ اوھان کي گمراھہ ٿي ڪري ڇا؟

62. ڀلا جيڪڏھن اوھين ابن⁠آدم کي آسمان ڏانھن وري چڙھندي ڏسو جتي ھو اڳي ئي ھو، تہ پوءِ ڪيئن ٿا ڀانئيو؟

63. زندگي ڏيڻ وارو تہ روح آھي، انساني جسم ڪابہ شيءِ ڪانھي. ھي ڳالھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون آھن سي روح بہ آھن ۽ زندگي بہ.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 6