نئين عهد نامي

يوحنا 5:34-38 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

34. مون کي تہ انسان جي شاھديءَ جي ضرورت نہ آھي، تنھن ھوندي بہ اھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوھان کي ڇوٽڪارو ملي.

35. يحيٰ ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر ھو ۽ اوھان گھڙي پلڪ ھن جي روشنيءَ ۾ خوش رھڻ پسند ڪيو.

36. پر مون وٽ جيڪا شاھدي آھي سا يحيٰ جي شاھديءَ کان بہ وڌيڪ آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آھن، يعني اھي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ ھينئر ڪري رھيو آھيان، سي ئي منھنجي شاھدي ٿا ڏين تہ پيءُ مون کي موڪليو آھي.

37. بلڪ پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن پاڻ بہ مون بابت شاھدي ڏني آھي. اوھان نہ تہ ڪڏھن ھن جو آواز ٻڌو آھي، نڪي سندس صورت ڏٺي اٿوَ،

38. نڪي وري ھن جي ڪلام کي دل ۾ جاءِ ٿا ڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن کي ھن موڪليو آھي تنھن کي اوھين قبول ئي نہ ٿا ڪريو.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 5