نئين عهد نامي

يوحنا 5:30-38 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

30. ”آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن خدا مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي انصاف ڪريان ٿو. تنھنڪري منھنجو انصاف صحيح آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ پنھنجي مرضيءَ موجب نہ، پر جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن جي مرضي موجب ڪم ڪريان ٿو.

31. جيڪڏھن آءٌ پاڻ پنھنجي شاھدي ڏيان تہ منھنجي شاھدي قابل قبول نہ ٿيندي.

32. پر اھو ٻيو آھي جيڪو مون بابت شاھدي ٿو ڏئي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاھدي ھو مون بابت ڏئي ٿو سا سچي آھي.

33. اوھان پنھنجا قاصد يحيٰ ڏانھن موڪليا ۽ ھن سچ جي شاھدي ڏني.

34. مون کي تہ انسان جي شاھديءَ جي ضرورت نہ آھي، تنھن ھوندي بہ اھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوھان کي ڇوٽڪارو ملي.

35. يحيٰ ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر ھو ۽ اوھان گھڙي پلڪ ھن جي روشنيءَ ۾ خوش رھڻ پسند ڪيو.

36. پر مون وٽ جيڪا شاھدي آھي سا يحيٰ جي شاھديءَ کان بہ وڌيڪ آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آھن، يعني اھي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ ھينئر ڪري رھيو آھيان، سي ئي منھنجي شاھدي ٿا ڏين تہ پيءُ مون کي موڪليو آھي.

37. بلڪ پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن پاڻ بہ مون بابت شاھدي ڏني آھي. اوھان نہ تہ ڪڏھن ھن جو آواز ٻڌو آھي، نڪي سندس صورت ڏٺي اٿوَ،

38. نڪي وري ھن جي ڪلام کي دل ۾ جاءِ ٿا ڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن کي ھن موڪليو آھي تنھن کي اوھين قبول ئي نہ ٿا ڪريو.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 5