نئين عهد نامي

يوحنا 20:6-19 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

6. ھن کان پوءِ شمعون پطرس بہ پھتو ۽ ھو سڌو قبر ۾ گھڙي ويو جتي ڪفن پيل ڏٺائين.

7. ان کان علاوہ ھن اھو رومال بہ اتي پيل ڏٺو، جيڪو عيسيٰ جي مٿي تي ويڙھيل ھو. پر اھو ٻئي ھنڌ جدا ويڙھيو پيو ھو.

8. تنھن کان پوءِ اھو ٻيو شاگرد، جيڪو پطرس کان اڳي قبر تي پھتو ھو، سو بہ قبر ۾ گھڙي ويو. ھن سڀ ڪجھہ ڏٺو ۽ ايمان آندائين.

9. شاگردن اڃا تائين اھا پاڪ لکت نہ سمجھي ھئي تہ عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻو ھو.

10. پوءِ اھي شاگرد موٽي پنھنجي پنھنجي گھر ھليا ويا.

11. مريم قبر جي ٻاھران بيٺي رنو. روئندي روئندي ھن نِوڙي قبر ۾ نھاريو

12. ۽ ڏٺائين تہ ٻہ ملائڪ نوراني پوشاڪ سان انھيءَ جاءِ تي ويٺا آھن جتي عيسيٰ جو ميت رکيل ھو. ھڪ سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان ويٺو ھو.

13. انھن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ ھُن وراڻيو تہ ”اھي منھنجي خداوند کي کڻي ھليا ويا آھن ۽ خبر ئي ڪانھي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

14. ھن ائين چئي اڃا پٺيان نھاريو تہ عيسيٰ کي اتي بيٺل ڏٺائين، پر سڃاتائين ڪين تہ ھو ڪو عيسيٰ آھي.

15. عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنھن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ ھي ڪو باغ جو مالھي آھي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏھن تون ھن کي ھتان کڻي ويو ھجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي اچانس.“

16. عيسيٰ چيس تہ ”مريم!“ تنھن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منھنجا استاد!“

17. عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي ھٿ نہ لاءِ، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آھيان. پر تون منھنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنھنجي پيءُ ۽ اوھان جي پيءُ ڏانھن، پنھنجي خدا ۽ اوھان جي خدا ڏانھن.“

18. پوءِ مريم مگدلينيءَ اچي شاگردن کي اھا ڳالھہ ٻڌائي تہ ”مون خداوند کي ڏٺو آھي.“ ھن کين اھي ڳالھيون بہ ٻڌايون جيڪي خداوند ساڻس ڪيون ھيون.

19. انھيءَ ساڳئي آچر جي ڏينھن شام جو جڏھن شاگرد يھودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 20