نئين عهد نامي

يوحنا 20:20-31 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

20. ائين چوڻ کان پوءِ ھن شاگردن کي پنھنجا ھٿ ۽ پاسو ڏيکاريو. تنھن تي عيسيٰ کي سڃاڻيندي ئي شاگرد خوشيءَ ۾ ڀرجي ويا.

21. تڏھن عيسيٰ وري چين تہ ”سلام، جيئن پيءُ مون کي موڪليو آھي، تيئن آءٌ بہ اوھان کي ٿو موڪليان.“

22. ھن ائين چئي مٿن ڦوڪيو ۽ چيائين تہ ”وٺو ھي پاڪ روح.

23. جيڪڏھن اوھين ماڻھن جا گناھہ معاف ڪري ڇڏيندا تہ کين معاف ڪيو ويندو، پر جيڪڏھن اوھين انھن کي معاف نہ ڪندا تہ کين معاف نہ ڪيو ويندو.“

24. توما انھن ٻارھن شاگردن مان ھڪڙو ھو جنھن کي جاڙو بہ سڏيندا ھئا، سو عيسيٰ جي اچڻ مھل شاگردن سان گڏ نہ ھو.

25. اھو جڏھن آيو تہ ٻين شاگردن ٻڌايس تہ ”اسان خداوند کي ڏٺو آھي.“ تنھن تي ھن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس ھٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنھنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ ھٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“

26. ھفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا ھئا. ھن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو ھو ۽ گھر جا در دروازا بند ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“

27. پوءِ ھن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنھنجي آڱر ھيڏانھن ڪري منھنجا ھٿ ڏس ۽ پنھنجو ھٿ ھيڏانھن منھنجي پاسي ۾ وجھہ. بي⁠ايمان نہ ٿيءُ پر ايمان آڻ.“

28. تنھن تي توما چيس تہ ”اي منھنجا خداوند! اي منھنجا خدا!“

29. عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آھي، تنھنڪري ايمان آندو اٿيئي. پر سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا آڻين.“

30. شاگردن جي روبرو عيسيٰ ٻيا بہ ڪيترائي معجزا ڪيا، جيڪي ھن ڪتاب ۾ لکيل نہ آھن.

31. پر اِھي انھيءَ لاءِ لکيل آھن تہ جيئن اوھين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آھي ۽ اھڙي ايمان آڻڻ سان اوھان کي ھن جي نالي ۾ زندگي ملي.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 20