نئين عهد نامي

يوحنا 2:4-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اما! تون مون کي ڇو ٿي چوين، منھنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آھي.“

5. تنھن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن ھو چوي تيئن ڪريو.“

6. اتي يھودين جي پاڪائيءَ جي رسم موجب پٿر جا ڇھہ مٽ رکيل ھئا. ھر ھڪ مٽ ۾ اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي.

7. عيسيٰ نوڪرن کي چيو تہ ”ھي مٽ پاڻيءَ سان ڀريو.“ سو ھنن اھي مٽ ڀري ٽمٽار ڪري ڇڏيا.

8. پوءِ ھن کين چيو تہ ”ھاڻي انھن مان ڪجھہ ڪڍي شاديءَ جي منتظم اعليٰ وٽ کڻي وڃو.“ سو ھو اھو کڻي ويا.

9. منتظم اعليٰ اھو پاڻي چکيو، جيڪو ھاڻي مئي ٿي پيو ھو. کيس خبر ڪانہ ھئي تہ ھيءَ مئي ڪٿان آئي آھي، پر نوڪرن، جن پاڻي ڪڍيو ھو تن کي خبر ھئي. سو ھن گھوٽ کي گھرايو

10. ۽ کيس چيائين تہ ”سڀڪو ماڻھو پھريائين سٺي مئي پيش ڪندو آھي ۽ جڏھن ماڻھو پي ڍءُ ڪندا آھن، تہ پوءِ سادي مئي پيش ڪندو آھي. پر تو وري سٺي مئي ھن مھل تائين بچائي رکي ھئي.“

11. ھيءُ عيسيٰ جو پھريون معجزو ھو، جيڪو ھن گليل جي شھر قانا ۾ ڏيکاري پنھنجو جلوو ظاھر ڪيو ۽ سندس شاگردن مٿس ايمان آندو.

12. تنھن کان پوءِ عيسيٰ، سندس ماءُ، ڀائر ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم شھر ڏانھن ويا، جتي ھو ڪجھہ ڏينھن رھيا.

13. يھودين جي عيد فصح ويجھي ھئي تہ عيسيٰ يروشلم ڏانھن ويو.

14. اتي ھن وڃي ڏٺو تہ ماڻھو ھيڪل ۾ ڍڳا، رڍون ۽ ڪبوتر وڪڻي رھيا آھن ۽ صراف بہ پنھنجا صندل رکيو ويٺا آھن.

15. تنھن تي ھن نوڙين جو چھبڪ ٺاھي انھن سڀني کي سندن رڍن ۽ ڍڳن سميت ھيڪل مان ھڪالي ڪڍي ڇڏيو ۽ صرافن جا پيسا اڇلائي سندن صندل اونڌا ڪري ڇڏيائين.

16. ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اھي ھتان کڻي وڃو. منھنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“

17. تڏھن سندس شاگردن کي اھو لکيو ياد آيو تہ ”اي خدا! تنھنجي گھر لاءِ منھنجي غيرت مون کي جلائيندي.“

18. پوءِ يھودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪھڙو حق آھي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ جيڪڏھن ڪو حق اٿيئي تہ اسان کي معجزو ڏيکار.“

19. عيسيٰ وراڻين تہ ”اوھين ھن ھيڪل کي ڊاھيو تہ آءٌ اھو ٽن ڏينھن ۾ وري ٺاھيندس.“

20. تنھن تي انھن اڳواڻن چيس تہ ”ھن ھيڪل کي ٺھڻ ۾ ڇائيتاليھہ ورھيہ لڳا آھن. تون وري اھو ٽن ڏينھن ۾ ڪيئن ٺاھيندين؟“

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 2