نئين عهد نامي

يوحنا 2:1-6 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ٽئين ڏينھن تي گليل جي شھر قانا ۾ ڪا شادي ھئي ۽ عيسيٰ جي ماءُ بہ اتي آيل ھئي.

2. عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي بہ انھيءَ شاديءَ جي دعوت مليل ھئي.

3. جڏھن مئي ختم ٿي ويئي تہ عيسيٰ جي ماءُ کيس چيو تہ ”ھنن وٽ مئي آھي ئي ڪانہ.“

4. تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اما! تون مون کي ڇو ٿي چوين، منھنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آھي.“

5. تنھن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن ھو چوي تيئن ڪريو.“

6. اتي يھودين جي پاڪائيءَ جي رسم موجب پٿر جا ڇھہ مٽ رکيل ھئا. ھر ھڪ مٽ ۾ اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 2