نئين عهد نامي

يوحنا 19:6-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

6. جڏھن سردار ڪاھنن ۽ پھريدارن عيسيٰ کي ڏٺو تہ اھي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھيو، صليب تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوھين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙھيوس. مون کي تہ ھن ۾ ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“

7. تنھن تي انھن ماڻھن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ شريعت آھي ۽ ان موجب ھو موت جي لائق آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن خدا جو فرزند ھجڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.“

8. جڏھن پلاطس اھو ٻڌو تہ ھيڪاري اچي ڊپ ورتس.

9. تڏھن ھو محلات ۾ موٽي ويو ۽ عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آھين؟“ پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.

10. تنھن تي پلاطس چيس تہ ”ڇا تون مون سان نہ ٿو ڳالھائڻ چاھين؟ ياد رک، مون کي اھا اختياري مليل آھي تہ تو کي آزاد ڪريان يا صليب تي چاڙھايان.“

11. عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي طرفان اھو اختيار مليل نہ ھجي ھا تہ تنھنجو ڪو زور مون تي نہ ھلي ھا. سو جنھن ماڻھوءَ مون کي تنھنجي حوالي ڪيو آھي سو وڏو ڏوھدار آھي.“

12. انھيءَ کان پوءِ پلاطس جي اھا ڪوشش ھئي تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏئي، پر اھي ماڻھو واڪا ڪندا رھيا تہ ”جيڪڏھن اوھان ھن ماڻھوءَ کي ڇڏي ڏنو تہ اوھين قيصر جا سڄڻ نہ آھيو. جيڪو بہ پاڻ کي بادشاھہ ٿو سڏائي سو قيصر جي خلاف آھي.“

13. جڏھن پلاطس اھو ٻڌو تڏھن ھو عيسيٰ کي ٻاھر وٺي آيو ۽ جنھن جاءِ کي ”پٿريلو ٿلھو“ چوندا آھن ۽ عبرانيءَ ۾ ”گبٿا“ سڏيندا آھن، تنھن جاءِ تي رکيل عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.

14. اھو عيد فصح جي تياريءَ جو ڏينھن ھو ۽ منجھند جو وقت ھو. پلاطس انھن ماڻھن کي چيو تہ ”اِجھو، ھي آھي اوھان جو بادشاھہ.“

15. پر انھن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس ۽ وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“ تنھن تي پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوھان جي بادشاھہ کي صليب تي چاڙھيان؟“ سردار ڪاھنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاھہ نہ آھي.“

16. تڏھن پلاطس عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري ڇڏيو.پوءِ سپاھي عيسيٰ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻڻ لاءِ وٺي ويا.

17. ھو پاڻ پنھنجو صليب کڻي انھيءَ جاءِ تي آيو جنھن کي عبرانيءَ ۾ ”گلگٿا“ يعني ”کوپريءَ واري جاءِ“ سڏيندا آھن.

18. اتي ھنن کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا ۽ ساڻس گڏ ٻن ٻين ماڻھن کي بہ صليب تي چاڙھيائون، ھڪڙي کي ھڪ پاسي ۽ ٻئي کي ٻئي پاسي ۽ وچ ۾ عيسيٰ کي.

19. پلاطس ھڪ سرنامو لکائي صليب تي ھڻائي ڇڏيو، جنھن تي لکيل ھو تہ ”عيسيٰ ناصري، يھودين جو بادشاھہ.“

20. ڪيترن ئي يھودين اھو سرنامو پڙھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن جاءِ تي عيسيٰ کي صليب تي چاڙھيو ھئائون سا جاءِ شھر جي ويجھو ھئي. اھي حرف عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ لکيل ھئا.

21. يھودين جي سردار ڪاھنن پلاطس وٽ اعتراض ڪيو تہ ”ائين نہ لکايو تہ ’يھودين جو بادشاھہ،‘ پر ھيئن لکايو تہ ’ھن ماڻھوءَ يھودين جي بادشاھہ ھجڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي.‘“

22. تنھن تي پلاطس وراڻين تہ ”جيڪو مون لکايو سو لکايو.“

23. پوءِ سپاھي جڏھن عيسيٰ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻي چڪا تہ سندس ڪپڙن کي کڻي چار حصا ڪيائون، ھر ڪنھن لاءِ ھڪ حصو. پوءِ جبو بہ کنيائون، جيڪو اڻ⁠سبيل ھو ۽ مٿي کان وٺي ھيٺ تائين سڄو ئي ھڪڙي ڪپڙي جو ٺھيل ھو.

24. تنھنڪري سپاھين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’جبي کي ڦاڙيون نہ ٿا پر پُکا ٿا وجھون تہ اھو ڪنھن جو ٿو ٿئي.‘ اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ”انھن منھنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائي کنيا۽ منھنجي جبي لاءِ پُکا وڌائون.“ تنھنڪري سپاھين ائين ڪيو.

25. عيسيٰ جي صليب جي ڀرسان سندس ماءُ ۽ ماسي، ڪلوپاس جي زال مريم ۽ مريم مگدليني بيٺيون ھيون.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 19