نئين عهد نامي

يوحنا 19:3-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. ۽ وٽس ڦري ڦري اچي چوڻ لڳا تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“ ان کان علاوہ ھنن کيس منھن تي چماٽون بہ ھنيون.

4. پلاطس ھڪ دفعو وري ٻاھر آيو ۽ ماڻھن کي چيائين تہ ”اِجھو، آءٌ ھن کي ٻاھر اوھان وٽ وٺي ٿو اچان تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ مون کي منجھس ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“

5. پوءِ عيسيٰ انھيءَ ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي ڪپڙن سان ٻاھر آيو ۽ پلاطس کين چيو تہ ”اِجھو، ھي آھي اھو ماڻھو.“

6. جڏھن سردار ڪاھنن ۽ پھريدارن عيسيٰ کي ڏٺو تہ اھي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھيو، صليب تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوھين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙھيوس. مون کي تہ ھن ۾ ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“

7. تنھن تي انھن ماڻھن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ شريعت آھي ۽ ان موجب ھو موت جي لائق آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن خدا جو فرزند ھجڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.“

8. جڏھن پلاطس اھو ٻڌو تہ ھيڪاري اچي ڊپ ورتس.

9. تڏھن ھو محلات ۾ موٽي ويو ۽ عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آھين؟“ پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.

10. تنھن تي پلاطس چيس تہ ”ڇا تون مون سان نہ ٿو ڳالھائڻ چاھين؟ ياد رک، مون کي اھا اختياري مليل آھي تہ تو کي آزاد ڪريان يا صليب تي چاڙھايان.“

11. عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي طرفان اھو اختيار مليل نہ ھجي ھا تہ تنھنجو ڪو زور مون تي نہ ھلي ھا. سو جنھن ماڻھوءَ مون کي تنھنجي حوالي ڪيو آھي سو وڏو ڏوھدار آھي.“

12. انھيءَ کان پوءِ پلاطس جي اھا ڪوشش ھئي تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏئي، پر اھي ماڻھو واڪا ڪندا رھيا تہ ”جيڪڏھن اوھان ھن ماڻھوءَ کي ڇڏي ڏنو تہ اوھين قيصر جا سڄڻ نہ آھيو. جيڪو بہ پاڻ کي بادشاھہ ٿو سڏائي سو قيصر جي خلاف آھي.“

13. جڏھن پلاطس اھو ٻڌو تڏھن ھو عيسيٰ کي ٻاھر وٺي آيو ۽ جنھن جاءِ کي ”پٿريلو ٿلھو“ چوندا آھن ۽ عبرانيءَ ۾ ”گبٿا“ سڏيندا آھن، تنھن جاءِ تي رکيل عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.

14. اھو عيد فصح جي تياريءَ جو ڏينھن ھو ۽ منجھند جو وقت ھو. پلاطس انھن ماڻھن کي چيو تہ ”اِجھو، ھي آھي اوھان جو بادشاھہ.“

15. پر انھن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس ۽ وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“ تنھن تي پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوھان جي بادشاھہ کي صليب تي چاڙھيان؟“ سردار ڪاھنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاھہ نہ آھي.“

16. تڏھن پلاطس عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري ڇڏيو.پوءِ سپاھي عيسيٰ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻڻ لاءِ وٺي ويا.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 19