نئين عهد نامي

يوحنا 19:26-40 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

26. جڏھن عيسيٰ پنھنجي ماءُ ۽ انھيءَ شاگرد کي جنھن سان سندس پيار ھو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ ھن پنھنجي ماءُ کي چيو تہ ”اما! ھي تنھنجو پٽ آھي.“

27. وري انھيءَ شاگرد کي چيائين تہ ”ھيءَ تنھنجي ماءُ آھي.“ انھيءَ ئي ڏينھن اھو شاگرد کيس پنھنجي گھر رھائڻ لاءِ وٺي ويو.

28. پوءِ جڏھن عيسيٰ ڄاتو تہ ھاڻي ھر ڳالھہ پوري ٿي چڪي آھي، تڏھن پاڪ لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ ھن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آھي.“

29. اتي ھڪڙو ٿانءُ ڪؤڙي مئي سان ڀريل رکيو ھو. تنھن مان انھن سپاھين فوم جھڙي ھڪ شيءِ ڀري زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي کيس چوسڻ لاءِ ڏني.

30. عيسيٰ ڪؤڙي مئي وٺي چيو تہ ”ھاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ سندس ڪنڌ لڙڪي پيو ۽ دم ڏنائين.

31. اھو تياريءَ جو ڏينھن ھو ۽ ايندڙ ڏينھن يھودين لاءِ خاص سبت جو ڏينھن ھو. تنھنڪري انھن نہ ٿي چاھيو تہ لاش صليبن تي ٽنگيل رھن. سو انھن پلاطس کي عرض ڪيو تہ ”صليب وارن جون ٽنگون ڀڳيون وڃن ۽ لاشا صليبن تان لاٿا وڃن.“

32. تنھن تي سپاھي آيا ۽ جيڪي عيسيٰ سان گڏ صليبن تي ٽنگيل ھئا تن مان پھريائين ھڪڙي جون ٽنگون ڀڳائون ۽ پوءِ ٻئي جون.

33. پر جڏھن عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ ھن اڳ ۾ ئي دم ڏنو آھي، تڏھن سندس ٽنگون نہ ڀڳائون.

34. مگر سپاھين مان ھڪڙي عيسيٰ جي پاسي ۾ نيزو ھنيو تہ ھڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو.

35. جنھن ماڻھوءَ اھو ڏٺو تنھن شاھدي ڏني آھي ۽ سندس شاھدي سچي آھي. ھن کي خبر آھي تہ ھو سچ ٿو چوي ۽ اھا شاھدي انھيءَ لاءِ ڏئي ٿو تہ جيئن اوھين بہ ايمان آڻيو.

36. اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي جنھن ۾ لکيل آھي تہ”ھن جو ھڪڙو بہ ھڏو نہ ڀڄندو.“

37. وري ٻي لکت ۾ آھي تہ”ماڻھو انھيءَ ڏانھن ڏسندا،جنھن کي نيزو ھنيو ھئائون.“

38. تنھن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يھودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح عيسيٰ جو شاگرد ھو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”مون کي عيسيٰ جو لاش کڻي وڃڻ جي موڪل ڏيو.“ پلاطس کيس موڪل ڏني. پوءِ ھو اتي آيو ۽ لاش کڻي ھليو ويو.

39. نيڪديمس بہ ساڻس اچي گڏيو. ھي اھو ماڻھو ھو جنھن اڳ ۾ عيسيٰ سان رات جو ملاقات ڪئي ھئي. نيڪديمس مُرَ ۽ عُود ملائي کڻي آيو، جنھن جي تور اٽڪل چاليھہ ڪلوگرام ھئي.

40. پوءِ جيئن يھودين ۾ دفن ڪرڻ جي رسم آھي تيئن انھن بہ عيسيٰ جي لاش کي خوشبوءِ لڳائي ڪفن ۾ ويڙھيو.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 19