نئين عهد نامي

يوحنا 18:4-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. عيسيٰ کي سڀ خبر ھئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آھي، سو ھو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوھين ڪنھن کي ڳولي رھيا آھيو؟“

5. انھن وراڻيس تہ ”عيسيٰ ناصريءَ کي.“ تنھن تي ھن چين تہ ”اھو تہ آءٌ آھيان.“ يھوداہ دغاباز انھن سان گڏ بيٺو ھو.

6. جڏھن عيسيٰ چيو تہ ”اھو تہ آءٌ آھيان،“ تڏھن اھي پوئتي ھٽي زمين تي ڪري پيا.

7. عيسيٰ کانئن وري پڇيو تہ ”ڪنھن کي ڳولي رھيا آھيو؟“ انھن چيو تہ ”عيسيٰ ناصريءَ کي.“

8. عيسيٰ چيو تہ ”مون تہ اوھان کي ٻڌايو تہ اھو آءٌ آھيان. جيڪڏھن اوھين مون کي ڳولي رھيا آھيو تہ پوءِ ھنن ماڻھن کي ڇڏيو تہ وڃن.“

9. ھن اھو انھيءَ لاءِ چيو تہ جيڪو اڳي چيو ھئائين سو پورو ٿئي تہ ”اي بابا! تو جيڪي مون کي ڏنا ھئا تن مان مون ھڪ بہ نہ وڃايو آھي.“

10. شمعون پطرس وٽ تلوار ھئي، جيڪا ڪڍي ھن وڏي سردار ڪاھن جي نوڪر کي ھنئي ۽ سندس ساڄو ڪن ڪپي وڌائين. انھيءَ نوڪر جو نالو ملخس ھو.

11. تنھن تي عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”پنھنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اھو پيالو نہ پيئان جيڪو پيءُ مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آھي؟“

12. سپاھين جي پلٽڻ، سندن عملدار ۽ يھودين جي پھريدارن عيسيٰ کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻڌي قابو ڪيائون.

13. اھي پھريائين کيس حنا وٽ وٺي ويا، جيڪو انھيءَ سال جي وڏي سردار ڪاھن قائفا جو سھرو ھو.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 18