نئين عهد نامي

يوحنا 18:27-35 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

27. پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ انھيءَ دم ھڪڙي ڪڪڙ ٻانگ ڏني.

28. ٻئي ڏينھن صبح جو عيسيٰ کي قائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يھودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انھيءَ لاءِ تہ اھي پنھنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جھڙا رھن.

29. سو پلاطس ٻاھر نڪري آيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”اوھين ھن ماڻھوءَ تي ڪھڙي تھمت ٿا ھڻو؟“

30. تنھن تي انھن وراڻيو تہ ”جيڪڏھن ھي ڏوھاري نہ ھجي ھا تہ اسين کيس اوھان جي حوالي نہ ڪريون ھا.“

31. پلاطس کين چيو تہ ”اوھين پاڻ ھن کي وٺي وڃو ۽ پنھنجي شريعت موجب سندس فيصلو ڪريو.“ يھودي اڳواڻن وراڻيو تہ ”اسان کي اختياري مليل نہ آھي تہ ڪنھن ماڻھوءَ کي موت جي سزا ڏيون.“

32. اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جھڙي نموني پنھنجي موت بابت ٻڌايو ھو سو پورو ٿئي.

33. پلاطس محلات ۾ اندر موٽي ويو ۽ عيسيٰ کي گھرايائين. ھُن کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“

34. عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھي سوال اوھين پاڻ ٿا ڪريو يا ڪنھن ٻئي مون بابت اوھان کي ٻڌايو آھي؟“

35. پلاطس وراڻيو تہ ”ڇا تون مون کي يھودي ٿو سمجھين؟ تنھنجي قوم وارن ۽ سردار ڪاھنن تو کي منھنجي حوالي ڪيو آھي. تو ڪيو ڇا آھي؟“

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 18