نئين عهد نامي

يوحنا 18:21-32 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

21. تہ پوءِ اوھين مون کان ڇو پڇي رھيا آھيو؟ انھن ماڻھن کان پڇو جن منھنجون ڳالھيون ٻڌيون آھن. انھن کي خبر آھي تہ مون ڇا چيو آھي.“

22. جڏھن عيسيٰ ھي چيو تہ ڀرسان بيٺل پھريدارن مان ھڪڙي سندس منھن تي چماٽ ھڻي چيس تہ ”وڏي سردار ڪاھن کي ائين ٿو جواب ڏئين!“

23. تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيڪڏھن مون ڪا غلط ڳالھہ ڪئي ھجي تہ اھا ھت سڀني کي ٻڌاءِ. پر جيڪڏھن مون سچ چيو آھي تہ پوءِ تون مون کي ڇو ٿو مارين؟“

24. پوءِ حنا کيس ٻڌل حالت ۾ ئي وڏي سردار ڪاھن قائفا ڏانھن ڏياري موڪليو.

25. شمعون پطرس اڃا تائين اتي بيٺي پاڻ کي سيڪيو. سو ٻين کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون انھيءَ ماڻھوءَ جي شاگردن مان نہ آھين؟“ پر پطرس انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ آھيان.“

26. تنھن تي وڏي سردار ڪاھن جي ھڪڙي نوڪر جنھن جي مائٽ جو ڪن پطرس ڪپيو ھو، تنھن چيو تہ ”مون تو کي ھُن ماڻھوءَ سان گڏ باغ ۾ ڪين ڏٺو ھو؟“

27. پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ انھيءَ دم ھڪڙي ڪڪڙ ٻانگ ڏني.

28. ٻئي ڏينھن صبح جو عيسيٰ کي قائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يھودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انھيءَ لاءِ تہ اھي پنھنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جھڙا رھن.

29. سو پلاطس ٻاھر نڪري آيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”اوھين ھن ماڻھوءَ تي ڪھڙي تھمت ٿا ھڻو؟“

30. تنھن تي انھن وراڻيو تہ ”جيڪڏھن ھي ڏوھاري نہ ھجي ھا تہ اسين کيس اوھان جي حوالي نہ ڪريون ھا.“

31. پلاطس کين چيو تہ ”اوھين پاڻ ھن کي وٺي وڃو ۽ پنھنجي شريعت موجب سندس فيصلو ڪريو.“ يھودي اڳواڻن وراڻيو تہ ”اسان کي اختياري مليل نہ آھي تہ ڪنھن ماڻھوءَ کي موت جي سزا ڏيون.“

32. اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جھڙي نموني پنھنجي موت بابت ٻڌايو ھو سو پورو ٿئي.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 18