نئين عهد نامي

يوحنا 18:14-26 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

14. ھي اھو قائفا ھو، جنھن يھودي اڳواڻن کي اھا صلاح ڏني ھئي تہ اھو بھتر ٿيندو جو ھڪ ماڻھو سڄيءَ قوم لاءِ مري.

15. شمعون پطرس ھڪ ٻئي شاگرد سان گڏ عيسيٰ جي پٺيان ھلندو پئي ويو. انھيءَ ٻئي شاگرد جي وڏي سردار ڪاھن سان واقفيت ھئي، سو ھو عيسيٰ سان گڏ سردار ڪاھن جي گھر اندر اڱڻ ۾ ويو.

16. پر پطرس دروازي جي ٻاھران ئي بيٺو رھيو. اھو ٻيو شاگرد جنھن جي وڏي سردار ڪاھن سان واقفيت ھئي سو موٽي ٻاھر آيو ۽ دربان ڇوڪريءَ کي چئي پطرس کي اندر وٺي وڃڻ لڳو.

17. تڏھن دربان ڇوڪريءَ پطرس کي چيو تہ ”ڇا تون انھيءَ ماڻھوءَ جي شاگردن مان نہ آھين؟“ تنھن تي پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ نہ آھيان.“

18. انھيءَ مھل ڏاڍو سيءُ پئي پيو، سو نوڪرن ۽ پھريدارن ڪوئلن جي باھہ ٻاري ان جي چوڌاري بيٺي پاڻ کي سيڪيو. پطرس بہ انھن سان گڏ وڃي بيٺو ۽ پاڻ کي سيڪڻ لڳو.

19. پوءِ وڏو سردار ڪاھن عيسيٰ کان سندس شاگردن ۽ تعليم بابت پڇڻ لڳو.

20. عيسيٰ وراڻيس تہ ”مون دنيا سان ھميشہ کليو کلايو ڳالھايو آھي. مون عبادت⁠خانن ۽ ھيڪل ۾ تعليم ڏني آھي، جتي سڀ يھودي اچي گڏ ٿيندا آھن. مون ڪابہ ڳالھہ ڳجھي نہ چئي آھي،

21. تہ پوءِ اوھين مون کان ڇو پڇي رھيا آھيو؟ انھن ماڻھن کان پڇو جن منھنجون ڳالھيون ٻڌيون آھن. انھن کي خبر آھي تہ مون ڇا چيو آھي.“

22. جڏھن عيسيٰ ھي چيو تہ ڀرسان بيٺل پھريدارن مان ھڪڙي سندس منھن تي چماٽ ھڻي چيس تہ ”وڏي سردار ڪاھن کي ائين ٿو جواب ڏئين!“

23. تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيڪڏھن مون ڪا غلط ڳالھہ ڪئي ھجي تہ اھا ھت سڀني کي ٻڌاءِ. پر جيڪڏھن مون سچ چيو آھي تہ پوءِ تون مون کي ڇو ٿو مارين؟“

24. پوءِ حنا کيس ٻڌل حالت ۾ ئي وڏي سردار ڪاھن قائفا ڏانھن ڏياري موڪليو.

25. شمعون پطرس اڃا تائين اتي بيٺي پاڻ کي سيڪيو. سو ٻين کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون انھيءَ ماڻھوءَ جي شاگردن مان نہ آھين؟“ پر پطرس انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ آھيان.“

26. تنھن تي وڏي سردار ڪاھن جي ھڪڙي نوڪر جنھن جي مائٽ جو ڪن پطرس ڪپيو ھو، تنھن چيو تہ ”مون تو کي ھُن ماڻھوءَ سان گڏ باغ ۾ ڪين ڏٺو ھو؟“

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 18