نئين عهد نامي

يوحنا 18:1-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جڏھن عيسيٰ اھا دعا گھري چڪو، تڏھن پنھنجي شاگردن سان گڏ قدرون جي برساتي نھر مان لنگھي ھُن ڀر ويو. اتي ھڪڙو باغ ھو جنھن ۾ ھو پنھنجي شاگردن سميت داخل ٿيو.

2. يھوداہ دغاباز کي انھيءَ ھنڌ جي خبر ھئي، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ ڪيترائي دفعا پنھنجي شاگردن سان گڏ اوڏانھن ويو ھو.

3. سو يھوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاھين جي پلٽڻ ۽ ڪجھہ ھيڪل جا پھريدار جيڪي سردار ڪاھنن ۽ فريسين موڪليا ھئا، سي وٺي انھيءَ باغ ۾ آيو. انھن وٽ ھٿيار ھئا ۽ کين ھٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان ھئا.

4. عيسيٰ کي سڀ خبر ھئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آھي، سو ھو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوھين ڪنھن کي ڳولي رھيا آھيو؟“

5. انھن وراڻيس تہ ”عيسيٰ ناصريءَ کي.“ تنھن تي ھن چين تہ ”اھو تہ آءٌ آھيان.“ يھوداہ دغاباز انھن سان گڏ بيٺو ھو.

6. جڏھن عيسيٰ چيو تہ ”اھو تہ آءٌ آھيان،“ تڏھن اھي پوئتي ھٽي زمين تي ڪري پيا.

7. عيسيٰ کانئن وري پڇيو تہ ”ڪنھن کي ڳولي رھيا آھيو؟“ انھن چيو تہ ”عيسيٰ ناصريءَ کي.“

8. عيسيٰ چيو تہ ”مون تہ اوھان کي ٻڌايو تہ اھو آءٌ آھيان. جيڪڏھن اوھين مون کي ڳولي رھيا آھيو تہ پوءِ ھنن ماڻھن کي ڇڏيو تہ وڃن.“

9. ھن اھو انھيءَ لاءِ چيو تہ جيڪو اڳي چيو ھئائين سو پورو ٿئي تہ ”اي بابا! تو جيڪي مون کي ڏنا ھئا تن مان مون ھڪ بہ نہ وڃايو آھي.“

10. شمعون پطرس وٽ تلوار ھئي، جيڪا ڪڍي ھن وڏي سردار ڪاھن جي نوڪر کي ھنئي ۽ سندس ساڄو ڪن ڪپي وڌائين. انھيءَ نوڪر جو نالو ملخس ھو.

11. تنھن تي عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”پنھنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اھو پيالو نہ پيئان جيڪو پيءُ مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آھي؟“

12. سپاھين جي پلٽڻ، سندن عملدار ۽ يھودين جي پھريدارن عيسيٰ کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻڌي قابو ڪيائون.

13. اھي پھريائين کيس حنا وٽ وٺي ويا، جيڪو انھيءَ سال جي وڏي سردار ڪاھن قائفا جو سھرو ھو.

14. ھي اھو قائفا ھو، جنھن يھودي اڳواڻن کي اھا صلاح ڏني ھئي تہ اھو بھتر ٿيندو جو ھڪ ماڻھو سڄيءَ قوم لاءِ مري.

15. شمعون پطرس ھڪ ٻئي شاگرد سان گڏ عيسيٰ جي پٺيان ھلندو پئي ويو. انھيءَ ٻئي شاگرد جي وڏي سردار ڪاھن سان واقفيت ھئي، سو ھو عيسيٰ سان گڏ سردار ڪاھن جي گھر اندر اڱڻ ۾ ويو.

16. پر پطرس دروازي جي ٻاھران ئي بيٺو رھيو. اھو ٻيو شاگرد جنھن جي وڏي سردار ڪاھن سان واقفيت ھئي سو موٽي ٻاھر آيو ۽ دربان ڇوڪريءَ کي چئي پطرس کي اندر وٺي وڃڻ لڳو.

17. تڏھن دربان ڇوڪريءَ پطرس کي چيو تہ ”ڇا تون انھيءَ ماڻھوءَ جي شاگردن مان نہ آھين؟“ تنھن تي پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ نہ آھيان.“

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 18