نئين عهد نامي

يوحنا 17:8-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. ڇالاءِ⁠جو ڪلام، جيڪو تو مون کي ڏنو سو مون انھن کي ڏنو آھي ۽ انھن اھو قبول ڪيو آھي. انھن کي پڪ آھي تہ آءٌ تو وٽان آيو آھيان ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.

9. آءٌ انھن لاءِ دعا گھران ٿو. دنيا لاءِ آءٌ دعا نہ ٿو گھران پر انھن ماڻھن لاءِ جيڪي تو مون کي ڏنا آھن، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي تنھنجا آھن.

10. جيڪي ڪجھہ مون وٽ آھي سو تنھنجو آھي ۽ جيڪي ڪجھہ تو وٽ آھي سو منھنجو آھي ۽ انھن جي وسيلي منھنجو جلوو ظاھر ٿيو آھي.

11. ھاڻي آءٌ تو ڏانھن اچي رھيو آھيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رھندس، پر اھي اڃا دنيا ۾ رھندا. اي پاڪ بابا! انھن کي پنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان سلامت رک جيڪو تو مون کي ڏنو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اھي گڏجي ھڪ ٿي وڃن، جيئن تون ۽ آءٌ ھڪ آھيون.

12. جيستائين آءٌ انھن سان گڏ ھوس، تيستائين تنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان جيڪو نالو تو مون کي ڏنو آھي، کين سلامت رکندو آيو آھيان. مون انھن جي سنڀال ڪئي آھي. جيڪو برباد ٿيڻو ھو تنھن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ منجھائن برباد نہ ٿيو آھي، تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي.

13. ھاڻي آءٌ تو وٽ اچي رھيو آھيان. پر جيستائين آءٌ دنيا ۾ آھيان تيستائين اھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ ٻڌايان ٿو تہ جيئن انھن جي دلين ۾ منھنجي خوشي پوري ٿئي.

14. مون انھن کي تنھنجو ڪلام ڏنو آھي پر دنيا انھن کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھي دنيا جا نہ آھن جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان.

15. منھنجي دعا اھا نہ آھي تہ تون کين دنيا مان کڻي وٺ، پر اھا دعا آھي تہ کين انھيءَ بڇڙي کان بچاءِ.

16. جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان تيئن اھي بہ دنيا جا نہ آھن.

17. انھن کي سچ جي وسيلي مخصوص ڪر. تنھنجو ڪلام سچ آھي.

18. جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آھي، تيئن مون بہ انھن کي دنيا ۾ موڪليو آھي.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 17