نئين عهد نامي

يوحنا 15:1-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ ڊاک جي سچي ول آھيان ۽ منھنجو پيءُ باغائي آھي.

2. مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنھن کي ھو ڪڍي ڇڏي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنھن کي ھو ڇانگي ٿو تہ جيئن اھا وڌيڪ ميوو ڏئي.

3. جيڪو ڪلام مون اوھان کي ٻڌايو آھي، تنھن جي ڪري اوھين اڳي ئي پاڪ ٿيا آھيو.

4. اوھين مون سان گڏجي ھڪ ٿي رھو ۽ آءٌ اوھان سان گڏجي ھڪ ٿي رھندس. تيستائين ڪابہ ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي، جيستائين اھا ول ۾ نہ ٿي رھي. اھڙيءَ طرح اوھين بہ ميوو نہ ٿا جھلي سگھو جيستائين مون ۾ نہ رھو.

5. آءٌ ڊاک جي ول آھيان ۽ اوھين منھنجون ٽاريون آھيو. جيڪو مون ۾ رھي ٿو، تنھن ۾ آءٌ رھان ٿو ۽ اھو ئي گھڻو ميوو جھليندو، ڇالاءِ⁠جو اوھين مون کان سواءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھو.

6. جيڪو مون ۾ نہ رھندو سو ٽاريءَ وانگر وڍي اڇلايو ويندو، جيڪو سڪي ويندو. پوءِ اھڙيون ٽاريون ميڙي گڏ ڪري باھہ ۾ وڌيون وينديون ۽ اھي سڙي وينديون.

7. جيڪڏھن اوھين مون ۾ رھو ۽ منھنجون ڳالھيون اوھان ۾ رھن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو، اوھان کي اھو ملندو.

8. اوھان جي گھڻي ميوي جھلڻ مان ثابت ٿيندو تہ اوھين منھنجا شاگرد آھيو ۽ انھيءَ ڳالھہ مان منھنجي پيءُ جو جلوو ظاھر ٿئي ٿو.

9. جيئن پيءُ مون سان پيار ڪيو آھي، تيئن مون بہ اوھان سان پيار ڪيو آھي. ھاڻي اوھين منھنجي پيار ۾ رھو.

10. جيڪڏھن اوھين منھنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوھين منھنجي پيار ۾ رھندا، جھڙيءَ طرح مون پنھنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آھي ۽ سندس پيار ۾ رھان ٿو.

11. مون اھي ڳالھيون انھيءَ ڪري اوھان کي ٻڌايون آھن تہ جيئن منھنجي خوشي اوھان ۾ ھجي ۽ اوھان جي خوشي پوري ٿئي.

12. اھو ئي منھنجو حڪم آھي تہ اوھين ھڪٻئي سان پيار ڪريو، جيئن مون اوھان سان پيار ڪيو آھي.

13. انھيءَ کان وڌيڪ ڪوبہ پيار ڪونھي جو ماڻھو پنھنجي دوستن لاءِ پنھنجي جان ڏئي.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 15