نئين عهد نامي

يوحنا 14:22-31 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

22. يھوداہ اسڪريوتي نہ، بلڪ ٻي يھوداہ عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! ڇا جي ڪري اوھين اسان تي تہ پاڻ ظاھر ڪندا پر دنيا تي نہ؟“

23. تنھن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو. منھنجو پيءُ ھن سان پيار ڪندو، آءٌ ۽ منھنجو پيءُ ھن وٽ اينداسون ۽ ساڻس گڏجي رھنداسون.

24. جيڪو مون سان پيار نہ ٿو ڪري سو منھنجي ڪلام تي عمل نہ ٿو ڪري ۽ ڪلام جيڪو اوھان ٻڌو آھي، سو منھنجو نہ آھي پر اھو پيءُ جو آھي جنھن مون کي موڪليو آھي.

25. مون اھي ڳالھيون اوھان سان رھي اوھان کي ٻڌايون آھن.

26. پر مددگار يعني پاڪ روح، جنھن کي پيءُ منھنجي نالي موڪليندو، سو اوھان کي سڀ ڳالھيون سيکاريندو ۽ اوھان کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندو رھندو، جيڪي مون اوھان کي چيون آھن.

27. آءٌ اوھان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان، بلڪ اوھان کي پنھنجو اطمينان ڏيان ٿو. اھڙو نہ ٿو ڏيان جھڙو دنيا ڏئي ٿي. اوھين پنھنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو ۽ نڪي ڊڄو.

28. اوھان مون کي ھي چوندي ٻڌو ھو تہ ’آءٌ وڃي رھيو آھيان پر اوھان وٽ موٽي ايندس.‘ جيڪڏھن اوھان جو مون سان پيار ھجي ھا تہ جيڪر خوش ٿيو ھا جو آءٌ پيءُ وٽ وڃي رھيو آھيان، ڇاڪاڻ⁠تہ پيءُ مون کان وڏو آھي.

29. ھن ڳالھہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي مون اوھان کي ٻڌائي ڇڏيو آھي تہ جڏھن ائين ٿئي تہ اوھين ايمان آڻجو.

30. ھن کان پوءِ آءٌ اوھان سان وڌيڪ نہ ڳالھائيندس، ڇالاءِ⁠جو ھن دنيا جو سردار اچي رھيو آھي. ھن جو مون تي ڪوبہ اختيار نہ آھي.

31. پر اھو انھيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن دنيا کي خبر پوي تہ آءٌ پيءُ سان پيار ڪريان ٿو ۽ جيئن پيءُ مون کي حڪم ڏنو آھي تيئن ئي ڪريان ٿو.ھاڻي ھلو تہ ھتان ھلون.“

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 14