نئين عهد نامي

يوحنا 14:10-28 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. ڇا تو کي يقين نہ آھي تہ آءٌ پيءُ ۾ آھيان ۽ پيءُ مون ۾ آھي؟ جيڪي ڳالھيون آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو سي پاڻ ئي ڪين ٿو ٻڌايان، پر پيءُ، جيڪو مون ۾ رھي ٿو سو پنھنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو.

11. مون تي يقين ڪريو تہ آءٌ پيءُ ۾ آھيان ۽ پيءُ مون ۾ آھي. جيڪڏھن ائين يقين نہ ٿا ڪريو تہ ھي ڪم جيڪي آءٌ ڪري رھيو آھيان، تن جي ڪري ئي يقين ڪريو.

12. آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان آڻيندو سو بہ اھڙا ئي ڪم ڪندو جھڙا آءٌ ڪري رھيو آھيان، بلڪ انھن کان بہ وڏا ڪم ڪندو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ وڃي پيءُ وٽ ئي رھندس.

13. اوھين منھنجي نالي تي جيڪي ⁠بہ گھرندا سو آءٌ ڪندس تہ جيئن پيءُ جو جلوو پٽ جي معرفت ظاھر ٿئي.

14. اوھين منھنجي نالي تي جيڪي⁠ بہ مون کان گھرندا سو آءٌ ڪندس.“

15. ”جيڪڏھن اوھين سچ⁠پچ مون سان پيار ڪريو ٿا، تہ اوھين منھنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا.

16. آءٌ پيءُ کي عرض ڪندس ۽ ھو اوھان کي ھڪ ٻيو مددگار ڏيندو جيڪو ھميشہ اوھان سان رھندو،

17. يعني سچ جو پاڪ روح. دنيا ھن کي حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ⁠تہ دنيا کيس نہ ڏسي ٿي ۽ نہ وري سڃاڻي ٿي. پر اوھين کيس سڃاڻو ٿا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو اوھان سان رھي ٿو ۽ اوھان ۾ ھوندو.

18. آءٌ اوھان کي يتيم ڪري ڇڏي نہ ويندس، آءٌ ضرور موٽي ايندس.

19. باقي ٿورو وقت آھي ۽ پوءِ دنيا مون کي وڌيڪ نہ ڏسندي، پر اوھين مون کي ڏسندا. آءٌ زندہ آھيان تنھنڪري اوھين بہ زندہ ھوندا.

20. جڏھن اھو ڏينھن ايندو تڏھن اوھان کي خبر پوندي تہ آءٌ پنھنجي پيءُ ۾ آھيان ۽ اوھين مون ۾ ۽ آءٌ اوھان ۾ آھيان.

21. جنھن کي منھنجي حڪمن جي خبر آھي ۽ ھو انھن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنھن سان منھنجو پيءُ پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انھيءَ سان پيار ڪندس ۽ مٿس پاڻ ظاھر ڪندس.“

22. يھوداہ اسڪريوتي نہ، بلڪ ٻي يھوداہ عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! ڇا جي ڪري اوھين اسان تي تہ پاڻ ظاھر ڪندا پر دنيا تي نہ؟“

23. تنھن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو. منھنجو پيءُ ھن سان پيار ڪندو، آءٌ ۽ منھنجو پيءُ ھن وٽ اينداسون ۽ ساڻس گڏجي رھنداسون.

24. جيڪو مون سان پيار نہ ٿو ڪري سو منھنجي ڪلام تي عمل نہ ٿو ڪري ۽ ڪلام جيڪو اوھان ٻڌو آھي، سو منھنجو نہ آھي پر اھو پيءُ جو آھي جنھن مون کي موڪليو آھي.

25. مون اھي ڳالھيون اوھان سان رھي اوھان کي ٻڌايون آھن.

26. پر مددگار يعني پاڪ روح، جنھن کي پيءُ منھنجي نالي موڪليندو، سو اوھان کي سڀ ڳالھيون سيکاريندو ۽ اوھان کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندو رھندو، جيڪي مون اوھان کي چيون آھن.

27. آءٌ اوھان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان، بلڪ اوھان کي پنھنجو اطمينان ڏيان ٿو. اھڙو نہ ٿو ڏيان جھڙو دنيا ڏئي ٿي. اوھين پنھنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو ۽ نڪي ڊڄو.

28. اوھان مون کي ھي چوندي ٻڌو ھو تہ ’آءٌ وڃي رھيو آھيان پر اوھان وٽ موٽي ايندس.‘ جيڪڏھن اوھان جو مون سان پيار ھجي ھا تہ جيڪر خوش ٿيو ھا جو آءٌ پيءُ وٽ وڃي رھيو آھيان، ڇاڪاڻ⁠تہ پيءُ مون کان وڏو آھي.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 14