نئين عهد نامي

يوحنا 14:1-6 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. عيسيٰ انھن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنھنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو. خدا تي يقين رکو ۽ مون تي بہ يقين رکو.

2. منھنجي پيءُ جي گھر ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون آھن. آءٌ اوھان جي خاطر جاءِ تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رھيو آھيان. جيڪڏھن ائين نہ ھجي ھا تہ آءٌ اوھان کي نہ ٻڌايان ھا.

3. جڏھن آءٌ وڃي اوھان جي لاءِ جاءِ تيار ڪندس تہ پوءِ موٽي ايندس ۽ اوھان کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، تہ جتي آءٌ آھيان اتي اوھين بہ ھجو.

4. جيڏانھن آءٌ وڃي رھيو آھيان، انھيءَ رستي جي اوھان کي خبر آھي.“

5. تنھن تي توما کيس چيو تہ ”اي خداوند! اسان کي خبر نہ آھي تہ تون ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين، سو اسان کي انھيءَ رستي جي خبر ڪيئن پوندي؟“

6. عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آھيان. منھنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پھچي نہ ٿو سگھي.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 14