نئين عهد نامي

يوحنا 12:34-50 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

34. تنھن تي ميڙ چيو تہ ”اسان جي شريعت ٻڌائي ٿي تہ مسيح ھميشہ جيئرو رھندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن⁠آدم ضرور مٿي چاڙھيو ويندو؟ اھو ابن⁠آدم ڪير آھي؟“

35. عيسيٰ وراڻيو تہ ”اڃا ڪجھہ وقت روشني اوھان وٽ رھندي. جيستائين روشني اوھان وٽ آھي تيستائين روشنيءَ ۾ گھمندا رھو، ائين نہ ٿئي جو اونداھي اچي اوھان تي ڪڙڪي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اونداھيءَ ۾ گھمندو آھي تنھن کي خبر نہ پوندي آھي تہ ڪيڏانھن وڃي رھيو آھيان.

36. جيستائين روشني اوھان وٽ آھي تيستائين روشنيءَ تي ايمان آڻيو، تہ جيئن اوھين روشنيءَ جا ٻار ٿيو.“ھن چوڻ کان پوءِ عيسيٰ ھليو ويو ۽ پاڻ کي انھن کان لڪايائين.

37. جيتوڻيڪ عيسيٰ يھودين جي اڳيان ھيترا معجزا ڪيا ھئا تہ بہ انھن مٿس ايمان نہ آندو ھو.

38. اھو انھيءَ لاءِ تہ جيڪو يسعياہ نبيءَ چيو ھو سو پورو ٿئي تہ”اي خداوند! ڪنھن اسان جي پيغام تي ايمان آندو؟۽ ڪنھن تي تو خداوند جي قدرت ظاھر ٿي؟“

39. اھو ئي سبب ھو جو انھن ايمان نہ آندو، ڇاڪاڻ⁠تہ يسعياہ نبيءَ ھي فرمان بہ ٻڌايو ھو تہ

40. ”مون خدا انھن جون اکيون پوري ڇڏيون آھن۽ سندن عقل تي تالو ھڻي ڇڏيو آھي،تہ متان اھي پنھنجين اکين سان ڏسن۽ پنھنجن عقلن سان سمجھن،۽ مون آڏو توبھہ⁠تائب ٿين تہآءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“

41. يسعياہ ھي انھيءَ لاءِ چيو ھو جو ھن عيسيٰ جو جلوو ڏٺو ھو ۽ انھيءَ جي باري ۾ ڳالھايو ھئائين.

42. تنھن ھوندي بہ ڪيترن ئي اڳواڻن عيسيٰ تي ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اھي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين عبادت⁠گاھن مان ٻاھر ڪڍي نہ ڇڏين.

43. انھن کي خدا کان عزت حاصل ڪرڻ بدران ماڻھن کان عزت حاصل ڪرڻ وڌيڪ پسند ھو.

44. پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو سو نہ رڳو مون تي ايمان ٿو آڻي، پر انھيءَ تي بہ ايمان آڻي ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي.

45. جيڪو مون کي ڏسي ٿو سو انھيءَ کي بہ ڏسي ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي.

46. آءٌ روشني آھيان ۽ ھن دنيا ۾ انھيءَ لاءِ آيو آھيان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي سو اونداھيءَ ۾ نہ رھي.

47. جيڪو منھنجون ڳالھيون ٻڌي انھن تي عمل نہ ٿو ڪري، تنھن جو آءٌ فيصلو نہ ڪندس. آءٌ دنيا ۾ فيصلو ڪرڻ لاءِ نہ آيو آھيان پر دنيا کي بچائڻ لاءِ آيو آھيان.

48. جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ منھنجون ڳالھيون قبول نہ ٿو ڪري، تنھن جي فيصلي ڪرڻ وارو ھڪڙو آھي، يعني اھي منھنجون ڪيل ڳالھيون ئي آھن، جيڪي آخرت جي ڏينھن ھن کي ڏوھاري ٺھرائينديون.

49. ڇالاءِ⁠جو جيڪو ڪلام مون ڪيو آھي سو پنھنجي طرفان نہ ڪيو آھي پر پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن مون کي حڪم ڏنو آھي تہ مون کي ڇا چوڻ ۽ ڳالھائڻ گھرجي.

50. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ ھن جو حڪم دائمي زندگي ڏئي ٿو. تنھنڪري جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو، سو اھو ئي آھي جيڪو پيءُ مون کي ٻڌائڻ لاءِ چيو آھي.“

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 12