نئين عهد نامي

يوحنا 12:1-8 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. عيد فصح کان ڇھہ ڏينھن اڳ عيسيٰ بيت⁠عنياہ ڏانھن ويو جتي لعزر رھندو ھو، جنھن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو ھو.

2. اتي ھنن عيسيٰ لاءِ رات جي ماني تيار ڪئي. مارٿا خدمت پئي ڪئي، جڏھن تہ لعزر عيسيٰ ۽ مھمانن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ھو.

3. پوءِ مريم اڌ ليٽر تمام قيمتي عطر، جيڪو سچي سُرھي مُرَ مان تيار ڪيل ھو، سو کڻي عيسيٰ جي پيرن کي مکيو ۽ پوءِ پنھنجن وارن سان سندس پير اُگھيائين. انھيءَ عطر جي سرھاڻ سان سڄو گھر ڀرجي ويو.

4. عيسيٰ جي شاگردن مان ھڪڙي جنھن جو نالو يھوداہ اسڪريوتي ھو ۽ جيڪو اڳتي ھلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو ھو،

5. تنھن چيو تہ ”ڇو نہ ھي عطر ٽن سَوَن چانديءَ جي سڪن ۾ وڪڻي غريبن کي خيرات ڏجي ھا.“

6. ھن اھي لفظ غريبن جي ھمدرديءَ لاءِ نہ چيا، پر ھو پاڻ چور ھو ۽ انھيءَ لاءِ چيائين تہ ھو انھن پئسن مان ڪجھہ چورائي، ڇالاءِ⁠جو پئسن جي ڳوٿري وٽس رھندي ھئي.

7. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”ڇڏيوس، ڇوتہ ھن اھو عطر منھنجي ڪفن دفن لاءِ ئي بچائي رکيو ھو.

8. غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن پر آءٌ اوھان وٽ ھميشہ نہ ھوندس.“

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 12