نئين عهد نامي

يوحنا 11:44-54 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

44. تنھن تي مئل ماڻھو ٻاھر نڪري آيو. ھن جا ھٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل ھئا ۽ سندس منھن رومال سان ويڙھيل ھو. عيسيٰ انھن ماڻھن کي چيو تہ ”ھن کي کوليو ۽ ڇڏيوس تہ وڃي.“

45. جيڪي يھودي مريم وٽ آيا ھئا، تن مان ڪيترن ئي جڏھن عيسيٰ جو ھي ڪم ڏٺو تڏھن مٿس ايمان آندائون.

46. پر انھن مان ڪي فريسين وٽ ويا ۽ عيسيٰ جيڪي ڪجھہ ڪيو ھو سو وڃي کين ٻڌايائون.

47. تنھن تي فريسي ۽ سردار ڪاھن ڪائونسل گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسين ھاڻي ڇا ڪريون؟ ھي ماڻھو تہ گھڻا ئي معجزا پيو ڪري.

48. جيڪڏھن اسين ھن کي ائين ڪندي ڇڏي ڏينداسون تہ پوءِ ھر ڪو مٿس ايمان آڻيندو ۽ رومي حاڪم اسان تي قدم کڻندا. پوءِ ھو اسان جي ھيڪل ۽ سڄي قوم کي تباھہ ڪري ڇڏيندا.“

49. انھن مان ھڪڙي شخص جو نالو قائفا ھو جيڪو انھيءَ سال جو وڏو سردار ڪاھن ھو، تنھن چيو تہ ”اوھان کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي.

50. اوھين اھو سمجھو ئي نہ ٿا تہ اوھان جي لاءِ ھي بھتر ٿيندو جو ھڪڙو ماڻھو قوم لاءِ مري ۽ نہ سڄي قوم تباھہ ٿئي.“

51. حقيقت ۾ ھن جيڪي لفظ چيا سي پنھنجي طرفان نہ چيائين، پر جيئن تہ ھو انھيءَ سال جو وڏو سردار ڪاھن ھو، تنھنڪري ھن اھي لفظ اڳڪٿي ڪري چيا تہ عيسيٰ يھودي قوم لاءِ مرندو،

52. نہ رڳو قوم لاءِ پر انھيءَ لاءِ تہ خدا جا ٻار جيڪي ڇڙوڇڙ ٿيل آھن تن کي گڏي ھڪ ڪري.

53. انھيءَ ڏينھن کان وٺي يھودي اڳواڻ عيسيٰ کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا.

54. تنھنڪري عيسيٰ انھيءَ ڏينھن کان پوءِ يھودين ۾ کليو کلايو نہ گھمندو ھو. پر ھو اتان رڻ⁠پٽ جي ڀر واري علائقي ڏانھن ھليو ويو ۽ افرائيم نالي ھڪ ڳوٺ ۾ پنھنجي شاگردن سان گڏ رھڻ لڳو.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 11