نئين عهد نامي

يوحنا 11:26-38 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

26. ۽ جيڪو بہ جيئرو آھي ۽ مون تي ايمان ٿو آڻي سو ڪڏھن بہ نہ مرندو. ڇا تنھنجو ھن ڳالھہ تي ايمان آھي؟“

27. مارٿا وراڻيو تہ ”ھائو خداوند! مون کي پڪو يقين آھي تہ خدا جو فرزند مسيح، جيڪو دنيا ۾ اچڻو ھو سي اوھين ئي آھيو.“

28. ھن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنھنجي ڀيڻ مريم کي پنھنجي منھن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آھي ۽ تو کي سڏي ٿو.“

29. اھا ڳالھہ ٻڌڻ شرط مريم ھڪدم اٿي کڙي ٿي ۽ عيسيٰ وٽ ويئي.

30. عيسيٰ اڃا تائين ڳوٺ ۾ ڪين پھتو ھو، پر اتي ئي ھو جتي مارٿا وڃي ساڻس ملي ھئي.

31. يھودي جيڪي مريم سان گھر ۾ ويٺا ھئا ۽ دلداري پئي ڏنائونس، تن جڏھن مريم کي تڪڙو تڪڙو ٻاھر ويندي ڏٺو تڏھن اھي بہ ھن جي پٺيان ويا جو انھن سمجھيو تہ ھوءَ ڀاءُ جي قبر تي روئڻ وڃي ٿي.

32. جڏھن مريم عيسيٰ وٽ پھتي ۽ ھن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”خداوند! جيڪڏھن اوھين ھتي ھجو ھا تہ منھنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ھا.“

33. عيسيٰ جڏھن کيس روئندي ڏٺو ۽ ڏٺائين تہ ماڻھو جيڪي ساڻس گڏ آيا ھئا سي بہ روئن پيا، تڏھن سندس دل ڀرجي آئي ۽ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو.

34. ھن کانئن پڇيو تہ ”اوھان کيس ڪٿي دفن ڪيو آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”اي خداوند! ھلي ڏسو.“

35. عيسيٰ روئي ڏنو.

36. تنھن تي يھودي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، لعزر سان کيس ڪيترو نہ پيار ھو.“

37. پر انھن مان ڪن چيو تہ ”ھن انڌي ماڻھوءَ جون اکيون کوليون ھيون نہ؟ ڇا ھو ائين نہ ٿي ڪري سگھيو جو لعزر اصل مري ئي نہ ھا؟“

38. پوءِ عيسيٰ جي دل وري بہ ڀرجي آئي ۽ ھو قبر تي آيو. اھا قبر ھڪ غار ھئي جنھن جي منھن تي پٿر ڏنل ھو.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 11