نئين عهد نامي

يوحنا 11:21-30 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

21. مارٿا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن اوھين ھتي ھجو ھا تہ منھنجو ڀاءُ نہ مري ھا.

22. پر مون کي خبر آھي تہ جيڪڏھن ھاڻي بہ اوھين خدا کان جو ڪجھہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو.“

23. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”تنھنجو ڀاءُ وري جيئرو ٿيندو.“

24. مارٿا وراڻيو تہ ”مون کي خبر آھي تہ ھو قيامت جي وقت آخرت جي ڏينھن وري جيئرو ٿي اٿندو.“

25. عيسيٰ کيس چيو تہ ”قيامت ۽ زندگي تہ آءٌ آھيان. جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ زندہ رھندو،

26. ۽ جيڪو بہ جيئرو آھي ۽ مون تي ايمان ٿو آڻي سو ڪڏھن بہ نہ مرندو. ڇا تنھنجو ھن ڳالھہ تي ايمان آھي؟“

27. مارٿا وراڻيو تہ ”ھائو خداوند! مون کي پڪو يقين آھي تہ خدا جو فرزند مسيح، جيڪو دنيا ۾ اچڻو ھو سي اوھين ئي آھيو.“

28. ھن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنھنجي ڀيڻ مريم کي پنھنجي منھن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آھي ۽ تو کي سڏي ٿو.“

29. اھا ڳالھہ ٻڌڻ شرط مريم ھڪدم اٿي کڙي ٿي ۽ عيسيٰ وٽ ويئي.

30. عيسيٰ اڃا تائين ڳوٺ ۾ ڪين پھتو ھو، پر اتي ئي ھو جتي مارٿا وڃي ساڻس ملي ھئي.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 11